اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مشهور يوٽيوبر ڊڪي ڀائي جي گهرواري عروب جتوئي جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي ڪيترن ئي آفيسرن کي ڪرپشن جي الزامن تي گرفتار ڪري ورتو.
عروب جتوئي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ الزام هنيو ويو آهي ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شعيب رياض پنهنجي فرنٽ مينن ذريعي 90 لک رپيا وصول ڪيا، اها رقم ڊڪي ڀائي کي ڪيس ۾ رليف ڏيارڻ ۽ جڊيشل ڪرائڻ لاءِ وصول ڪئي وئي هئي.
ڪيس ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڄاڻايل رقم ايڊيشنل ڊائريڪٽر سرفراز چوڌري، ڊپٽي ڊائريڪٽر زوار احمد ۽ ٻين اهلڪارن ۾ ورهائي وئي، وڌيڪ اهو ته ڊڪي ڀائي جي بائنانس اڪائونٽن مان به اين سي سي آءِ اي رقم ٽرانسفر ڪئي.
واضح رهي ته ڊڪي ڀائي جوا جي غير رجسٽرڊ ايپس جي مشهوري جي ڪيس ۾ گرفتار آهي ۽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي.
اين سي سي آءِ اي موجب ڊڪي ڀائي پنهنجي يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي غير رجسٽرڊ جوا ايپلي ڪيشنز جي مشهوري ڪئي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي مالي نقصان ٿيو.
You might also like