پاڪستان ۾ هڪ ٻي مذهبي ۽ سياسي جماعت تي پابندي مڙهي وئي آهي. هي جماعت گهڻي پراڻي به نه هئي رڳو اٺ، نَوَ سالن جي عمر رکندڙ. پر ان ٿوري عرصي ۾ به اها جماعت مبينه طور تي غَيبي قوتن جي ايتري استعمال ۾ رهي، جو هن وڏا وڏا احتجاج، ڌرڻا، لانگ مارچ ۽ پرتشدد مظاهرا ڪري حڪومتن جا ساھ کڻي ڇڏيا. ڪيترائي ماڻهو ان رَستن ۾ جانون به وڃائي ويٺا. آخرڪار ان سان به اهوئي سلوڪ ٿيو، جيڪو اڳ به ڪيترين ئي پارٽين ۽ سياسي اتحادين سان ٿيندو رهيو آهي. خير، ان تي تفصيل سان پوءِ ڳالهائينداسين، پر اڳ اچو ته اها ڪالعدم جماعت تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جي شروعات ڏسون، ته جيئن سمجهجي ته اسان جي ملڪ ۾ اصل ۾ ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي.
ٽي ايل پي جي ابتدا 4 جنوري 2011 تي ٿي، جڏهن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي سندس سرڪاري گارڊ ممتاز قادري قتل ڪيو. ان وقت هي ڪا منظم سياسي جماعت نه هئي، نه ئي اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ هئي، پر ماڻهن ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته ٻين مذهبي اتحادين، جيئن متحده مجلس عمل وغيره، جي ڀيٽ ۾ هي تحريڪ وڌيڪ جذباتي ۽ اثرائتي آهي. نتيجي ۾ اسان جي ڪيترا اسٽيڪ هولڊر اندر ئي اندر اهو فيصلو ڪري ويٺا ته هن جماعت کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. پوءِ هي تحريڪ پنهنجي مذهبي ۽ سياسي نعري جي زور تي ماڻهن ۾ مقبول ٿي وئي. ان تي رياستي حمايت جا الزام لڳندا رهيا، جن کي حڪومتون هر ڀيري رد ڪندي رهيون.
شروع ۾ هي تحريڪ صرف مذهبي نعري جي بنياد تي هلي، پر پوءِ جڏهن ان سياسي ميدان ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، ته ڪيترائي مذهبي اڳواڻ ان مان ڌار ٿي ويا. جڏهن ممتاز قادري کي 2016 ۾ ڦاسي ڏني وئي، ته هي تحريڪ وڌيڪ تيزي سان وڌي. پوءِ تحريڪِ لبيڪ يارسول الله جي نالي سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي حلف نامي ۾ تبديلي ۽ توهينِ مذهب جي الزام هيٺ گرفتار آسيه بي بي جي آزاديءَ خلاف فيض آباد ۾ وڏو ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ملڪ ڀر ۾ پکڙجي ويو. اهو ئي لمحو هو، جڏهن ٽي ايل پي ناموسِ رسالت جي نعري تي گهري گهر تائين پهچي وئي.
2017 ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ جڏهن حلف نامي ۾ مبينه تبديلي جو معاملو اٿيو، ته ٽي ايل پي ان وقت جي وفاقي وزيرِ قانون زاهد حامد جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. جماعت اسلام آباد تائين مارچ ڪيو ۽ وفاقي گاديءَ کي ٽن هفتن تائين بند ڪري ڇڏيو. پوءِ فوج جي ثالثيءَ سان هڪ معاهدو ٿيو، جنهن تحت وزيرِ قانون استعيفيٰ ڏنو ۽ ڌرڻو ختم ٿيو. ان معاهدي کان پوءِ ٽي ايل پي جي حوصله افزائي ٿي ۽ اها وڌيڪ منظم ٿي وئي. سپريم ڪورٽ فيبروري 2019 ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ فيصلو ڏنو، جنهن ۾ حڪومت کي حڪم ٿيو ته اهڙن فوجي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي پنهنجن عهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪن ٿا. يعني پريشر گروپن جي استعمال بابت عدالت جو فيصلو به موجود آهي.
اهو وقت هو جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۽ وڏن گهر وارن ۾ ڊان ليڪس واري معاملي تي لاڳاپا بگڙي چڪا هئا. عمران خان به ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏئي چڪو هو. ان دور ۾ ٽي ايل پي کي مبينه طور غَيبي قوتن جي مڪمل سرپرستي حاصل هئي، تنهنڪري ان کي سياسي پارٽيءَ طور اليڪشن ڪميشن ۾ 2016 ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. پارٽيءَ جي اڳواڻي پير افضل قادري، آصف جلالي ۽ خادم حسين رضوي ڪئي، پر فيض آباد ڌرڻي دوران سخت موقف رکڻ سبب خادم رضوي سڀ کان وڌيڪ نمايان ٿي ويو. پوءِ پارٽيءَ جي شوريٰ ان کي سربراهه بڻايو.
2017 ۾ جڏهن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو، ته ٽي ايل پي لاهور ۾ خالي ٿيل سيٽ تي اميدوار بيهاري 7500 ووٽ ورتا. 2018 جي عام چونڊن ۾ ٽي ايل پي سوين اميدوار قومي ۽ صوبائي سيٽن تي بيهاريا. نتيجي ۾ تقريباً هڪ ڪروڙ ووٽ ضايع ٿيا، ڇو ته ڪيترن ئي حلقن ۾ ٽي ايل پي ٻئي يا ٽئين نمبر تي رهي. ڪراچي مان ٻن صوبائي ۽ هڪ مخصوص سيٽ به کٽي وئي. ڪيترا سياسي تجزيه نگار چون ٿا ته 2018 ۾ ن ليگ جي شڪست ۾ ٽي ايل پي جو وڏو هٿ هو، جنهن ن ليگ جو ووٽ بئنڪ ٽوڙي ڇڏيو يا ٽڙايو ويو. پوءِ ساڳي سال آسيه بي بي جي بريت تي ملڪ ڀر ۾ ٻيهر احتجاج شروع ٿيو. ٽي ايل پي جي احتجاج سبب ملڪ جو نظام معطل ٿي ويو. حڪومت کي انهن سان پنج نڪتن وارو معاهدو ڪرڻو پيو. پر ڪجهه مهينن کان پوءِ نومبر 2018 ۾ لاھور جي چيئرنگ ڪراس ۾ ڌرڻي دوران رياستي ادارن ۽ عدالتن خلاف سخت زبان استعمال ڪرڻ تي خادم رضوي ۽ افضل قادري گرفتار ٿيا. مئي 2019 ۾ ضمانت تي آزاد ٿيا، ۽ پوءِ افضل قادري تحريڪ ڇڏي ڏني.
2020 ۾ خادم رضوي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سعد رضوي نئون سربراهه بڻيو 2019 ۽ 2020 جي وچ ۾ ڪجهه وقت سڪون رهيو، پر پوءِ حڪومت ۽ فيصلا ڪندڙ قوتن ۾ تڪرار وڌڻ لڳا، ۽ ٽي ايل پي وري ميدان ۾ اچي وئي هاڻي ان جو موضوع فرانس خلاف هو. حڪومت ۽ تحريڪ ۾ ٻيهر ٽڪراءُ ٿيو، ڪجهه ڏينهن جي جهڙن کان پوءِ حڪومت فرانس خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ ۽ سفير ڪڍڻ جي واعدن سان معاملو ختم ڪيو. پر ٿوري ئي دير ۾ ٻيهر احتجاج شروع ٿيو. ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار به شامل هئا. پوءِ 2021 ۾ جڏهن آءِ ايس آءِ جي نئين ڊي جي جي مقرريءَ تي نوٽيفڪيشن ۾ دير ٿي، ته چيو ويو ته حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ٽي ايل پي کي ٻيهر سڙڪن تي آندو ويو. وزيرآباد ۾ وڏو تصادم ٿيو، ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، ۽ آخرڪار معاهدو ٿيو. ان کان پوءِ ٽي ايل پي کي ٻيهر سياسي سرگرمين جي اجازت ملي وئي. فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ ڪرين جي نشان سان حصو وٺي ٽي ايل پي ٻاويهه لک ووٽ حاصل ڪري ملڪ جي پنجين وڏي پارٽي بڻجي وئي، پر صرف هڪ صوبائي سيٽ ناروال مان کٽي.
هاڻي، ڪجهه مهينا پوءِ، جڏهن جماعت لبيڪ اقصٰى مارچ شروع ڪيو ته حڪومت 10 آڪٽوبر تي مريدڪي وٽ ان کي طاقت سان روڪيو. سخت آپريشن ۾ جماعت موجب سندن سوين ڪارڪن مارجي ويا، جڏهن ته حڪومت موجب هڪ ايس ايڇ او ۽ ڪيترائي اهلڪار به مارجي ۽ زخمي ٿيا. هن ڀيري لڳي ٿو ته رياست جو صبر جواب ڏئي چڪو آهي، ڇو ته هن ڀيري حڪومت نه رڳو جماعت کي بند ڪيو، پر ان جا مدرسا، مسجدون ۽ آفيسون به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون. نتيجي ۾ ٽي ايل پي ٻيهر ڪالعدم ٿي وئي آهي. هاڻي اها ڪيتري دير تائين رهندي؟ اهو وقت ٻڌائيندو. پر منهنجي خيال ۾ انهن سڀني قوتن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، جن هن جماعت کي ٺاهيو، فنڊ ڏنو، ۽ پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.
جيڪي نقصان ملڪ ۽ قوم کي ٿيا، انهن جا ذميوار به سڃاتل ٿيڻ گهرجن. ان لاءِ باقاعده جي آءِ ٽي بڻجڻ گهرجي، جيڪا اهو جاچ ڪري ته ڪڏهن ڪڏهن رياستي ادارن اهڙا پريشر گروپ ٺاهيا ۽ ڪڏهن انهن کي سياسي مقاصد لاءِ استعمال ڪيو ويو، ۽ انهن جي نتيجي ۾ ڪهڙيون حڪومتون، جيئن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت، ختم ڪرايون ويون. ٽي ايل پي تي پابندي جو فيصلي رياست لاءِ پاڻ ۾ هڪ امتحان آهي. جيڪڏهن حڪومت هن پابندي کي صرف عارضي حڪمت عملي طور اختيار ڪيو آهي، ته نتيجا ٻيهر اڳ وانگر نڪرندا ڪجهه ڳالهيون، ڪجهه واعدا، ۽ وري موٽڻ. پر جيڪڏهن هي فيصلي کي قانوني ۽ اداراوي بنيادن سان لاڳو ڪيو ويو آهي، ته پوءِ هي پاڪستان جي اندرين سلامتي لاءِ يقيناً هڪ اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. نه ته جيڪڏهن ان جي پٺيان به ڪا ٻي ايجنڊا آهي، ته پوءِ اسان جو الله ئي حافظ آهي!