ڪراچي ۾ اجتماعي شادي تقريب، 75 هندو جوڙا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل طرفان اجتماعي شادين جي تقريب ۾ 75 هندو جوڙا هندو مذهبي رسمن موجب شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
پاڪستان هندو ڪائونسل هر سال جنوري ۾ اجتماعي شادين جو اهتمام ڪندي آهي ته جيئن گهٽ وسيلن وارن خاندانن کي بهتر انداز ۾ شاديون ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي.
هن سال اها 19هين تقريب هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان گهٽ آمدني وارن جوڙن جي شادي ڪرائي وئي.
پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش ڪمار موجب رجسٽريشن کان اڳ تصديق ڪئي ويندي آهي ته گهوٽ ڪنوار جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجي ۽ هر سال تقريب ۾ 125 جوڙن جو هدف مقرر ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.