راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفو دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ مختلف شعبن جي ڳولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) Sjafrie Sjamsoeddin سومر ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات دوران ٻه طرفي دفاعي سهڪار کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ شعبن جي ڳولا تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ علائقائي توڙي عالمي سلامتي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪ–انڊونيشيا دفاعي صنعتي سهڪار جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي اداراڻي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
آءِ ايس پي آر چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تربيتي سهڪار جي اهميت تي به خاص زور ڏنو ويو.
انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي تسليم ڪيو، هن پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن ۾ واڌ جي پڻ خواهش ظاهر ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل انڊونيشيا سان پائيدار دفاعي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل قدرن توڙي اسٽرٽيجڪ مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو.
You might also like