پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز ۾ غير مجاز رستن تان ويندڙ 3 جهازن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ 3 آمريڪي جهازن کي پڻ نشانو بڻايو ويو.
پاسدارانِ انقلاب جي دعويٰ جي آمريڪا طرفان تصديق ناهي ڪئي وئي.
ان کان اڳ آمريڪي فوج ايراني ٻيٽ خارگ ۾ ٽن تيل بردار جهازن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
سينٽڪام چيو ته اها ڪارروائي ايران طرفان آمريڪي نيوي جي جهازن کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي جواب ۾ ڪئي وئي.