پاڪستان ۽ مصر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي ٻيهر عملدرآمد شروع ڪرڻ ۽ تڪرار کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
عرب ميڊيا موجب مصر جي پرڏيهي معاملن واري وزير بدر عبدالعاطي، پرڏيهي معاملن واري وزير اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي رابطو ڪري علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ ٻنهي وچ ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ بابت ڪوششن تي پڻ ڳالهيون ٿيون.
پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي سلامتي جي معاملن تي رابطا ۽ صلاح مشورا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي، اسحاق ڊار کي جلد مصر جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.
ٻئي پاسي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي هم منصب شهزادي فيصل بن فرحان سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن گهڻ طرفي فورمن تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته مڪي دفاعي معاهدي جي اسٽريٽجڪ، سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل مفاهمت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان کانسواءِ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران استنبول اجلاس ۾ ٿيل مفاهمت تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن ويجها رابطا برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.