9 مئي ڪيس: پي ٽي آءِ جو اڳوڻو اسيمبلي ميمبر گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پوليس اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳوڻي صدر حماد اظهر کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس ذريعن موجب حماد اظهر کي ملتان مان گرفتار ڪري لاهور پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حماد اظهر 9 مئي جي واقعن بابت مختلف ڪيسن ۾ ملوث آهي.

پوليس ذريعن موجب حماد اظهر 9 مئي 2023ع کان اشتهاري هو. هو پنهنجي پيءُ جي وفات تي منظرعام تي آيو هو، پر ان کان پوءِ ٻيهر روپوش ٿي ويو هو.

You might also like