پاڪستان بنيادي طور زرعي ملڪ آهي توڙي جو سرمائيدارن سازشن سان زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي زراعت ٻھراڙيءَ جي ڪرت ۽ وھنوار آھي ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ ۾ڏٺو آهي ته اڪثر ڪري ڪا ڳئون، مينھن، اٺ، گابو يا گڏھ ڪتي جي ڏاڙھڻ يا خود ڪتو وير اچڻ تي ڇتو ٿي پوندو ھو ته ڳوٺ جي گھٽي گھٽي ۾ ڊوڙندو، ڦرندو وتندو هوندو هو ماڻھو خوف کان کانئس پري ڀڄندا آهن يا کيس ڀينڊ، پٿر هڻي ڇتي ٿيل جانور کي ڊوڙائي ڇڏيندا آهن پوءِ به اهو ڇتو جانور پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر پرائي ڳوٺن، پاڙن ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ جڏھن ان پاڙي يا ڳوٺ جا ماڻھو جيترو ڇتي ٿيل جانور کان خوف کائيندا هئا اوترو اھو ڇتو جانور مٿن حاوي ٿيندو هو حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيندو هو/ آهي. ايئن ان ڇتي ٿيل جانور جو خوف وڌنڌو ويندو هو ۽ ڪيئي ماڻھو توڙي چوپايو مال زخمي ٿيندا رھندا هو ته ڪي مري ويندا آهن پر جڏھن ڪي بي خوف ماڻھو ان ڇتي ٿيل ڪتي يا ڇتي ٿيل جانور کي ماري ڇڏيندا هئا ته سڄو اوڙو پاڙو ،ڳوٺ ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو سُک جو ساھ کڻندا آهن ايئن تقريبن سال ٻئي يا ٽئين سال آمريڪا جا حڪمران ڇتا ٿي ڪڏهن شام، ڪڏهن افغانستان، ڪڏهن عراق، ڪڏهن ايران ته ڪڏهن لبيا ۾حملي آور ٿي ڪاهي پوندا آهن يا سندن بڇيل ڪُتا ڪشمير ته ڪڏهن فلسطين ۾بيگناهه ماڻهن جو ناحق خون وهائيندا آهن
آمريڪا جي تاريخ رهي آهي ته سندس حڪمرانن کي هرسال نه ته ٻئي سال ڇتي ڪُتي واري وير ايندي آهي پوءِ ڪڏهن جارج بش عراق ۾ ڪيميائي ھٿيارن جا الزام ھڻي عام عوام جو رت وهائڻ سان گڏ اتان جي صدر صدام حسين کي اذيتون ڏئي قتل ڪري ڇڏي ٿو ته ڪڏهن لبيا ۾ ڪرنل قذافي جو تختو اونڌو ڪرائي کيس ڌاتورو پيتل لبيائي پِٺُن ھٿان سرعام گيهلي اذيتون ڏئي مارايو ڇڏي ته ڪڏهن بڇ ڪرائي پاڪستان جي جينيس سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسيءَ ڏياري وڃي ٿي ته ڪڏهن افغانستان تي حملو ڪري لکين بيگناهه ماڻهن جو خون ڪرائي تسڪين حاصل ڪئي. شام ۾ داعش جو بهانو ڏئي حملو ڪري ڪيئي بيگناھ ماڻھو ماريا ويا ۽ پنھنجي مرضيءَ جي حڪومت قائم ڪئي وئي، چلي ۾ عوامي حڪومت سازشن وسيلي ختم ڪرائي سالواڊور آليندي کي قتل ڪرايو ويو ۽ بنگلاديش ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب جي نياڻي شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو
تازو وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گھرواريءَ کي منشيات جو الزام مڙھي کنڀيو ويو ڄڻ ته آمريڪا ڪو اشراف معاشري وارو ملڪ آهي آهي جتي نشي جو نالو نشان به نه هجي.
ڪيئي ڏھاڪن کان دنيا ۾ داٻو رکندڙ آمريڪا اوچتو نه پر ڳچ عرصي کان پنھنجي ڏاڍ واري پاليسيءَ سبب ۽ ڪيئي ملڪن جي عوام جو ناحق خون وهائڻ ڪري آدم خور طور پڌرو ٿيو آهي سرد جنگ ۾ روس جي ٽٽڻ کانپوءِ آمريڪا دنياوي جھنگ جو اڪيلو شينھن بڻجي اُڀري آيو جيڪو ڪمزور ملڪن جي عوام کي ننڍن جانورن جيان ماريندو ۽ کائيندو پيو وڃي، توڙي جو چين سندس مقابلي ۾ ٽيڪنالوجي ۾ ۽ معاشي طور گهڻو اُڀري آيو آهي پر جوهري طور آمريڪا اڳڀرو آهي، توڙي جو عالمي امن، انصاف، ڀائيچاري ۽ سرحدن جي تحفظ، احترام بابت ۽ ملڪن جي خودمختياريءَ متعلق ڪيئي قانون جڙيل آھن پر عالمي سطح تي ٺھيل قانونن تي عمل درآمد به ڪون ٿو ٿئي.
گڏيل قومن جو ادارو يو اين او پڻ آمريڪي طاقت آڏو گڏو ثابت ٿيو آهي جيئن اسلامي ملڪن جي تنظيم او آئي سي آھي نه دشمن کي ڀئو نه سڄڻ کي آسرو تيئن ئي گڏيل قومن جو ادارو آمريڪا لاءِ ڪاغذي تنظيم آهي جهڙي ريت پاڻ وٽ ڪاغذن ۾ ۽ سڏجڻ ۾ پھاڙ جيڏيون وڏيون تنظيمون ھونديون آھن پر عوام لاءِ سندن ڪارج ڪجهھ به ناھي ھوندو رڳو بجيٽ ھڙپ ڪرڻ لاءِ تنظيمن جو استعمال ھوندو آھي.آمريڪي جراحي ڪاروائين تي گڏيل قومن واري اداري جو غير فعال ھجڻ نه صرف هو اين او اداري کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي پر هو اين او جو وقار پڻ وڃائجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ڪنهن ڇتي خونخوار جانور جيان دنيا جي ڪمزور ملڪن تي سڌي اڻسڌي ريت هلان ڪندو رهيو آهي تازو وينزويلا تي حملي کان علاوه ايران ۾ سازشن وسيلي اندروني ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسرائيل فلسطين معاملي کان علاوه ايران ۽ آمريڪا جو ڪيئي ڏھاڪن کان ڇٽيھه جو آڪڙو ھلي پيو اصل ۾ آمريڪا ايران تي پنھنجي اجاره داري قائم ڪرڻ، جوھري ھٿيار توڙي ايٽمي تجربن کان روڪڻ لاءِ ڪيئي سال سازشون ۽ جتن ڪري رهيو آهي ڪڏھن جمھوريت آڻڻ لاءِ اقدام ڪرڻ جون ڳالھيون ڪڏھن مذھبي سختي جا الزام ڪڏھن اندروني طور سازشن وسيلي رجيم چينج ڪرڻ جون ڪوششون پر ھن مھل تائين ايران انھن سازشن کي ڪندو ڪندي آمريڪا کي ناڪام ڪندو آيو آهي ، ڳچ عرصي کان مبصر آھي تبصرا ڪندا رھيا آھن ته خدا نه خواسته آمريڪا ايران ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ آمريڪا لاءِ پاڪستان پري ناھي !پاڪستان توڙي جو آبادي، ايراضي، وسيلن ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي پر سندس جاگرافيائي حدن توڙي هتان جا اصل واڳ ڌڻين جي اسٽريٽجي سبب آمريڪا سڌو ايئن ڪرڻ کان قاصر آهي، ڇوته ايران ھجي يا افغانستان انهن کي مڪمل فتح ڪرڻ پاڪستان ظاهري توڙي اندروني راضپي سوا ممڪن ناهي ماضي قريب ۾ آمريڪا افغانستان جنگ مان سبق سکي ويو آهي، توڙي جو پاڪستان سندس اتحادي به رهيو آهي پر پاڪستان جي فوجي توڙي سفارتي حڪمت عمليءَ سڀ کان پهرين پاڪستان واري ڳالھه تي ڪاربند رهي آهي.