ڪاش دنيا جا سڀ ملڪ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي اخلاقي پاليسي تي هلن

                 انساني سماج جو سڀ کان وڏو ۽ نمبر ون مسئلو ”جهالت“ جو آهي، جهالت جا ڪيترائي قسم هوندا آهن. ضروري ناهي ته جيڪي ماڻهو يا جيڪو سماج اڻ پڙهيل آهي سو ئي جاهل هجي. جاهل ته اهو پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ اهو ملڪ به ٿي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي تعليم ۽ پنهنجو علم پاڻ تي ۽ پنهنجي توڙي ٻين جي زندگيءَ تي لاڳو نه ڪري سگهي. مثال طور هڪ چوڻي آهي ته ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“. ان چوڻي جو مقصد ۽ ان جو روح اهو آهي ته ماڻهن کي جيئڻ جا بنيادي حق ڏيو.  ڇا اسان پڙهيل لکيل ماڻهو، پڙهيل لکيل سماج ۽ ملڪ توڙي انهن ملڪن جا حڪمران ان  چوڻي تي عمل ڪن ٿا؟ اسان جو جواب اهو آهي ته جيڪڏهن انسان، سماج ۽ ملڪ  ان چوڻي تي عمل ڪن يا عمل ڪندا هجن ها ته دنيا جنگين، نفرتن، دهشت گردي ۽ خونن کان بچيل هجي ها. ان جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا  تي ”جهالت“، حاوي آهي ۽ جهالت کي ڀلي اڇا اجرا ڪپڙا پهرايا وڃن جهالت پوءِ به  عمل ۽ ڪردار مان ظاهر ٿيندي آ. هي جنگيون، نفرتون، قبضا گيريون، انتهاپسندي به جهالت ئي آهي جيڪا ڪافي ملڪن جي حڪمرانن اندر به موجود آهي.

اها به جهالت آهي ۽ جهالت جو هڪ قسم آهي ته پنهنجي مفاد ۾ ٻين جي مفادن ۽ حقن جو استحصال ڪجي. ٻين جي ملڪي سرحدن ۾ مداخلت ڪجي ۽ هڪڙا خسيس مفاد ماڻڻ لاءِ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي عظيم چوڻي کي لتاڙي ڇڏجي. عام ماڻهو ته ڀلي اها ڳالهه نه سمجهي سگهندو هجي پر جيڪڏهن ملڪ ۽ انهن ملڪن جا سربراهه به ان فلسفي کي نه سمجهي سگهن ۽ ان تي عمل نه ڪري سگهن ته ڇا چئجي، اصل ۾  اهو ئي الميو آهي ته پڙهيل لکيل طبقي ۾ به جهالت  ۽ جاهلاڻا رويا موجود آهن جنهن ڪري اهڙن قولن ۽ چوڻين جهڙي دنيا تعمير نه ٿي سگهي آهي. سٺا قول ته هر ٻولي ۾ موجود آهن پر سوال اهو آهي انهن تي عمل جو. جيڪڏهن ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جهڙن قولن تي ۽ چوڻين تي عمل ڪجي ته جيڪر دنيا پرامن ۽ جيئڻ جي لائق ٿي وڃي پر جيئن اسان مٿي نشاندهي ڪئي آهي ته هڪڙن سامراجي، اقتداري، سياسي، پارٽي ۽ ذاتي مفادن ڪري دنيا کي جنگين ۽ نفرتن جي ور چاڙهيو ويو آهي.  جيستائين ملڪن جي تڪرارن جو معاملو آهي ته ان بابت به چيو ويندو آهي ته هر مسئلي جو پهريون ۽ آخري حل ” ڳالهيون“  ئي هونديون آهن سو جيڪڏهن اهو طئي آهي ته هر مسئلي جو پهريون ۽ آخري حل ڳالهيون آهن، جنگ ناهي ته پوءِ هر ملڪ ان پهرين ۽ آخري حل ڏانهن ڇو ٿو نٿو اچي. پوءِ هر مسئلي جو حل جنگين کي ڇو ٿو سمجهيو وڃي.

 هي اهي بنيادي ڳالهيون آهن جن بابت عالمي سطح تي متفقه پاليسي جوڙڻ گهرجي. ان ڳالهه تي به متفقه پاليسي جڙڻ گهرجي ته هر ملڪ ٻئي ملڪ جي بنيادي حقن جو خيال ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي سرحدي مداخلت نه ڪندو. اهو به طئي ٿيڻ گهرجي ته ڪوبه ملڪ نه ڪنهن تي اڳرائي ڪندو نه ئي جنگ مڙهيندو پر جيڪڏهن ڪو تڪرار ۽ مسئلو آهي ته اهو ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو.  هاڻي سوال اهو آهي ته ملڪن جي حڪمرانن لاءِ اهڙو بنيادي اخلاقي اصول ڪير طئي ڪندو. اصولي طور تي ته هر ملڪ کي پاڻ ان پاليسي تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي خاص ڪري پاڙيسري ملڪن سان ته حقوق العباد جي پاليسي تي عمل ڪرڻ گهرجي. هاڻي انهن سڀني ڳالهين کي ڏسجي ته سمجهه ۾ ايئن ايندو ته انهن ڳالهين تي شريف ماڻهن ۽ مهذب سماج ئي عمل ڪري سگهي ٿو ته ڇا اهو سمجهجي ته اڪثريتي ماڻهو ۽ سماج مهذب ناهي. ان حوالي سان هڪ نُڪتو اهو به آهي ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامو جنهن تي لڳ ڀڳ سڀني ملڪن جون صحيحون ٿيل آهن سي ان تي سختي سان عمل ڪن.

اسان اهو به سمجهون ٿا ته انهن قائدن، قانون، اصولن ۽ اخلاقيات تي جيڪڏهن گڏيل قومن جو عالمي ادارو عمل ڪرائي ته وڌيڪ بهتر آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هر ملڪ پاڻ تي به اها اخلاقي ذميواري لاڳو ڪري ڇڏي ته سڀني کي ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو حق ڏنو ويندو. اها اخلاقي ذميواري ائين آهي جيئن اوهان ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن فيلڊر کي فيلڊنگ جي ڪيتري  به ڪوچنگ ڏيو پر جيڪڏهن اهو پاڻ ان جذبي سان فيلڊنگ نه ڪندو ته مون کي ڪيئن به ڪري ڪيچ ناهي ڇڏڻو يا خراب فيلڊنگ ڪري اضافي رنز ناهن ڏيئڻا تيستائين ان جي انفرادي ڪارڪردگي سٺي نه ٿي سگهندي. مطلب ته ڀلي ملڪ اندر آئين ۽ قانون هجي، اخلاقيات جا سبق هجن، پر جيستائين انفرادي طور هر انسان ۽ سماج پاڻ کي سٺو ۽ مهذب بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪندو تيستائين سماج ۽ ملڪ بهتر نه ٿي سگهندا. اها به حقيقت آهي ته ملڪن اندر دهشت گردي، قتل عام، اغوائن ۽ مافيائن کي هٿي ڏيڻ ۾ فلمن ۽ ڊرامن به وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀلا اهڙن موضوعن تي فلمون ۽ ڊراما ڇو نٿا ٺهن جن ۾ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي عمل ڪرڻ جو اتساهه ملي، دانشورن، اديبن ۽ شاعرن ۽ پرامن صوفين جي زندگين تي فلمون ۽ ڊراما ڇو نٿا اڪثريت ۾ ٺهن ته جيئن عام ماڻهو انهن مان رهنمائي وٺي اخلاقيات جو درس حاصل ڪن.

 سو مسئلو پاليسين جو آهي ته ملڪن کي ڪيئن هلائجي، سماجن جي شعوري تعمير ڪيئن ڪجي ۽ اخلاقيات کي ڪيئن هٿي وٺائجي. ان جي شروعات هيٺيان کان نه پر مٿان کان اقتداري حلقي کان شروع ٿيڻ گهرجي. اقتداري  حلقو جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي هلندو، اهڙيون فلمون ۽ ڊراما ٺاهبا ته پوءِ عوام به متاثر ٿي زندگين ڏانهن اهو رويو اختيار ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.