هٿياربندن جي ڪڇي جي علائقي ڀاگ ناڙي تي ڪاهه، سرڪاري عمارتن ۽ ٿاڻن تي حملو، ايس ايڇ او مارجي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سرڪاري عمارتن ۽ ٿاڻن تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس آفيسر مارجي ويو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ حملي آور به ماريو ويو.
پوليس اختيارين موجب ڪوئيٽا کان اٽڪل 230 ڪلو ميٽر پري ضلعي جي علائقي ڀاگ ناڙي ۾ سومر جي شام ڪيترائي ماڻهو داخل ٿيا ۽ هڪ ئي وقت نيشنل بينڪ، تعلقي آفيس، پوليس ۽ ليويز ٿاڻن تي حملو ڪري ڏنو.
ايس ايس پي ڪڇي معاذ الرحمان موجب هٿياربندن بينڪ ڦرڻ ۽ ٿاڻن کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس اهلڪارن وقت سر جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور مارجي ويو.
هن ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايس ايڇ او انسپيڪٽر لطف علي کوسا شهيد، جڏهن ته هڪ ڪانسٽيبل زخمي ٿي پيو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪيترائي هٿياربند موٽر سائيڪلن ۽ هڪ گاڏي تي سوار ٿي آيا ۽ هنن پوليس ۽ ليويز ٿاڻن، تعلقي آفيس تي به حملو ڪيو ۽ ان کي نقصان پهچايو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ٻين علائقن مان پوليس جي وڏي نفري، سي ٽي ڊي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڀاگ ناڙي پهتا ۽ علائقي جو گهيرو ڪري ورتو پر ان کان اڳ ئي حملي آور علائقو ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، جن جي ڳولاءِ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

You might also like