شاهين، پروٽيز جا پَر ڪترڻ لاءِ تيار، پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.

ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ  سڀاڻي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب رات اٺين وڳي شروع ٿيندي.

گذريل ڏينهن سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي، سيريز کٽڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڀرپور تيار ڪئي آهي.

ميچ کان اڳ راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته سلمان علي آغا چيو ته ٽيم جي قيادت ڪرڻ تي پرجوش آهيان ۽ اميد آهي ته مداحن کي هڪ شاندار سيريز ڏسڻ لاءِ ملندي، اسان بنگلاديش خلاف به گهرو سيريز ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري هئي ۽ ايندڙ سيريز ۾ سٺن نتيجن جي اميد آهي.

هن چيو ته اسان جو مقصد پنهنجي حڪمت عملي تي تسلسل سان عمل ڪرڻ آهي، پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم هميشه کان ئي انتهائي مضبوط رهي آهي ۽ ڪنهن به مخالف کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ مهمان ٽيم جا ڪجهه رانديگر ان فِٽ هئڻ سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويا آهن، پر ان باوجود پروٽيز هڪ مضبوط ٽيم آهي ۽ ٽيم ۾ هن وقت به بهترين ميچ ونر موجود آهن.

ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ڊونوون فريرا چيو آهي ته اسان جي ٽيم تازو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اسان وٽ باصلاحيت بيٽر ۽ بالر موجود آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پريڪٽس نه ٿيڻ سبب هو اڃا پِچ نه ڏسي سگهيو آهر، پر سڀاڻي هڪ ٻن بالن کان پوءِ پتو پئجي ويندو ته وڪيٽ ڪهڙي قسم جي آهي، اسان جو مقصد هر ميچ کٽڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.