دنيا جي پهرين اي آءِ وزير ڳورهاري ٿي وئي، 83 ڊجيٽل ٻار ڄڻيندي!

البانيا ۾ ڪجهه مهينا اڳ متعارف ڪرايل اي آءِ وزير ڊيلا ڳورهاري ٿي وئي ۽ جلد 83 ٻارن کي جنم ڏيندي.
البانيا ۾ ڪجهه مهينا اڳ عورت جي روپ ۾ ڊيلا جي نالي سان هڪ اي آءِ وزير متعارف ڪرائي وئي هئي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ بدعنواني جي روڪٿام هو، اها دنيا جي پهرين هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) وزير هئي.
البانوي وزيراعظم ايڊي راما اڳ ۾ اي آءِ وزير مقرر ڪري سڀني کي حيران ڪيو ۽ هاڻ هن ڊيلا ڳورهاري ٿيڻ ۽ ايندڙ سال 83 ٻار ڄڻڻ جو اعلان ڪندي سڀني کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.
ايڊي راما جرمني جي شهر برلن ۾ گلوبل ڊائلاگ ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي چيو ته ڊيلا پهريون ڀيرو ڳورهاري آهي ۽ ايندڙ سال 83 ٻارن کي جنم ڏيندي.
البانوي وزيراعظم جي ان انڪشاف اتي موجود ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو پر ايڊي راما وضاحت ڪئي ته ڊيلا جا ٻار 83 نوان اي آءِ مددگار آهن، جيڪي پارليامينٽ ميمبرن لاءِ ذاتي اي آءِ مددگار طور ڪم ڪندا.
هن چيو ته هر پارليامينٽ ميمبر لاءِ هڪ ڊجيٽل ٻار ٺاهيو پيو وڃي، اهي ٻار اجلاسن ۾ شرڪت ڪري هر ڳالهه کي نه رڳو رڪارڊ ڪندا پر نمائندن کي انهن مباحثن ۽ پروگرامن بابت آگاهه ڪندا، جيڪي انهن کان ڇُٽي ويا هجن.
سندس چوڻ هو ته اهي ٻار نه رڳو پنهنجي باسز (پارليامينٽ ميمبرن) کي مڪمل رپورٽ ڏيندا پر کين مشور به ڏيندا، جيڪڏهن ڪو ميمبر ايوان ۾ موجود نه هجي ته اهي ٻار سندس غير موجودگي ۾ ٿيل ڪارروائي بابت کيس آگاهه ڪندا.
هن چيو ته اهي اي آءِ مددگار 2026 جي آخر تائين مڪمل طور فعال ٿي ويندا ۽ ڊيلا جو علم (ڊيٽا ۽ الگورٿم) انهن ۾ منتقل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.