ممبئي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ڀارتي ليجنڊري اداڪار نصيرالدين شاهه جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هو اڪشَي ڪمار جي واکاڻ ڪندي جڏهن ته شاهه رخ خان جي اداڪاري تي تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ کيس ”بورنگ اداڪار“ پڻ قرار ڏنو
اڄڪلهه نصيرالدين شاهه جي پراڻي انٽرويو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن بابت ويچار ونڊيندي ڳالهائيندي نظر اچي ٿو.
وڊيو ۾ هن شاهه رخ خان تي تنقيد ڪندي کيس ”بورنگ اداڪار“ چيو، جڏهن ته اڪشَي ڪمار جي اداڪاري جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي.
نصيرالدين شاهه انٽرويوءَ ۾ چيو ته هو عام طور تي بالي ووڊ جي وڏن ستارن جهڙوڪ خانز، ڪمارز يا ديوگنز جون فلمون ڏسڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.
هن چيو ته ڪيترن ئي وڏن اسٽارن سان ڪم ڪيو آهي پر ڪنهن به کيس گهڻو متاثر نه ڪيو، جڏهن ته اڪشَي ڪمار اهڙو اداڪار آهي جنهن جي هو تمام گهڻي عزت ڪري ٿو.
اداڪار جو چوڻ هو ته اڪشَي ڪمار بنا ڪنهن گائيڊنس يا گاڊ فادر جي پنهنجي محنت سان انڊسٽريءَ ۾ جاءِ ٺاهي، هاڻي سندس اداڪاري ۾ پختگي جا آثار نظر اچن ٿا ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ هو وڏو اداڪار بڻجي چڪو آهي.
هن مزاحيه انداز ۾ چيو ته اڪشَي ڪمار اداڪاري ڪندي ڪندي نيٺ اداڪاري سکي ويو آهي، هاڻي سندس پرفارمنس بهتر آهي ۽ هو کيس سٺو لڳي ٿو.
جڏهن ميزبان شاهه رخ خان جو ذڪر ڪيو ته هن به بنا ڪنهن سپورٽ جي ڪاميابي حاصل ڪئي ته نصيرالدين شاهه مڃيو ته اهو صحيح آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ شاهه رخ جي عزت ڪري ٿو.
نصيرالدين شاهه جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ هو شاهه رخ خان جي عزت ڪري ٿو، پر هڪ اداڪار طور هو هاڻي بورنگ ٿي ويو آهي.
نصيرالدين شاهه جو اهو پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي ۽ مداحن ۾ ان تي بحث جاري آهي، ڪي شاهه رخ خان جي اداڪاري جي حمايت ڪري رهيا آهن ته ڪي نصيرالدين شاهه جي ايمانداراڻي راءِ کي ساراهي رهيا آهن.
ياد رهي ته نصيرالدين شاهه اڪشَي ڪمار سان فلم ”موهرا“ جڏهن ته شاهه رخ خان سان ”ڪڀي هان ڪڀي نا“ “، ”چمتڪار“ ۽ ”مين هون نا“ جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هو اجَي ديوگن سميت ٻين وڏن اسٽارز سان به اسڪرين شيئر ڪري چڪو آهي.
You might also like