ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ميٽرو سائيٽ ۾ بئنڪ ۾ رقم جمع ڪرائڻ لاءِ آيل شهري کان ڦر ڪيو ويو.پوليس اختيارين موجب شهري 15 لک رپيا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ آيو هو ته مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري شهري کي زخمي ڪري ڇڏيو، ان دوران رقم روڊ تي ڪري پئي ، جوابدار 2 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب ڦر دوران بئنڪ جي سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رائيفل نه هلي. پوليس موجب واقعي جا فوٽيج خانگي بئنڪ ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان حاصل ڪري ورتيون آهن.