ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گلشن اقبال جي علائقي مان 9 بلوچ شاگردن جي بازيابي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بلوچ شاگردن جي بازيابي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، 7بلوچ شاگردن واپس اچي ويا آهن، پوليس پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واپس ايندڙ شاگردن ۾ شعيب علي، اشفاق، شهزاد، بيبگر امير، زبير، قمبر علي ۽ سعيد الله شامل آهن، جڏهن محمد جاويد نالي جي شاگرد ٻئي ڏينهن تي واپس اچي ويو هو، هڪ شاگرد حنيف گم آهي جنهن جي بازيابي لاءِ ڪوشش جاري آهي، جسٽس صلاح الدين پهنور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته شاگردن واپس اچي ويا آهن، وڪيل جو چوڻ آهي ڏينهن جي وقت ۾ شاگردن کي گم ڪيو ويو. پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري.