رپورٽون آهن ته سکر جي علائقي سنگرار مان اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار سکر پوليس جي حراست دوران مبينه طور تي فرار ٿي ويو آهي جيڪو ٻه هفتا اڳ گرفتار ٿيو هو. رپورٽون آهن ته اهو جوابدار ڌاڙيل به آهي جنهن کي فرار ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا رشوت ورتي وئي سندس فراريت ۾ هڪ سياسي بااثر ڪردار ملوث آهي. ذريعن موجب مبينا فرار ٿيل ڌاڙيل جڏهن ڪچي پهتو ته ڌاڙيلن هوائي فائرنگ ڪندي جشن ملهايو. هاڻي تازي رپورٽ آئي آهي ته جوابدار جي فرار ٿيڻ ۾ ملوث پوليس چوڪي اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪيڏي نه عجيب صورتحال آهي، هڪ پاسي پريا ڪماري جي امڙ جو ناقابل برداشت ڊگهي کان ڊگهو ٿيندڙ انتظار آهي، پيءُ جو اونو آهي ۽ سنڌي قوم جو اڻ کٽندڙ احتجاج آهي ۽ حڪومت مٿان ٽن سالن کان دٻاءُ آهي ته پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ته ٻئي پاسي وري جوابدارن کي بچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن جو تازو انڪشاف هڪ جوابدار کي فرار ڪرائڻ جو آهي.
ان سان هاڻي سڀني تي اهو واضح ٿي رهيو آهي ته آخر هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ سهولتن واري دؤر ۾ پريا ڪماري جو اغوا وارو معاملو ڇو ٽن سالن کان وٺي معمو بڻيل آهي ۽ ڇو نٿي خبر پوي ته پريا ڪماري ڪٿي آهي، زنده به آهي يا نه. يا ڇا واقعي به حڪومت ۽ انتظاميه کي سندس ڪو پتو ناهي؟ ڇا اها حڪومت ۽ انتظاميا جي نااهلي آهي يا ڄاڻي واڻي ان معاملي کي دٻايو پيو وڃي. پر مٿي ڄاڻايل جوابدار جي فرار ٿيڻ کان پوءِ گهڻن سوالن جو جواب ڪنهن حد تائين ملي چڪو آهي ته اصل ۾ پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ جوابدار بااثر آهن تنهن ڪري هن ڪيس کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي.
ڪجهه وقت اڳ پريا ڪماري جي ڪيس ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي هئي ۽ جوابدارن کي ڪافي حد تائين نروار ڪري سوگهو به ڪيو ويو هو پر پوءِ غير محسوساتي انداز سان ان اڳڀرائي کي روڪيو ويو. جنهن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار جيئن ته بااثر آهن تنهن ڪري انهن ۾ هٿ نه وڌو ويندو پوءِ صاف ڇو نٿا چئو ته هن حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي ته اها پريا ڪماري جي بااثر جوابدارن ۾ هٿ وجهي سگهي. اعتراف جا به فائدا ٿيندا آهن ممڪن آهي ته ناڪامي جي اعتراف کانپوءِ ڪنهن ٽئين ڌر کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملي وڃي. سڌريل ملڪن ۾ ته ڪن واقعن ۾ ناڪامي جي ذميواري قبول ڪري لاڳاپيل وزير استعيفائون ڏئي ڇڏيندا آهن پر اسان وٽ اهڙي روايت اڃان قائم نه ٿي آهي.
اسان کي ملڪ جي عدالتن تي به حيرت آهي ته اها مظلوم ۽ عام ماڻهن جي ڪيسن جو پاڻمرادو نوٽيس ڇو ناهي وٺندي سپريم ڪورٽ جنهن تيزي سان عمران خان جي دفاعي ڪيسن کي اڪلائيندي نظر ايندي آهي سا عام ماڻهن جي اشوز تي ڇا ائين تڪڙا ڪيس هلائيندي آهي. جيڪڏهن نه ته ڇو؟ پريا ڪماري جي اغوا ڪيس ۾ به ملڪ جي عدالتن ۽ خاص ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي معاملو هڪ معصوم نياڻيءَ جي اغوا جو ۽ اڻ کٽندڙ تڙپ جي انتظار جو معاملو آهي. جيڪڏهن اسان جي عدالت ماءُ واري دل رکي سوچي ته ان کي اندازو ٿيندو ته پريا ڪماري جي ماءُ جو معصوم نياڻي بابت انتظار ڪيڏو نه تڪليف ده ۽ اذيت جوڳو آهي. هُوءَ ڌيءَ جي اوسيئڙي ۾ روز جي رهي آهي ۽ روز مري رهي آهي. ڪاش ڪير کيس اها دلجاءِ ڏي ته پريا جتي به آهي زنده آهي متان ان جي ممتا کي ڪجهه ٺار ملي سگهي پر نه ممتا پوءِ به پنهنجي جگر جي تڙپ ۾ رهندي ته سندس ٻچڙي الائي ڪهڙي حالت ۾ آهي. معصوم نياڻي پريا پاڻ ڪهڙي جنجال ۾ آهي سو سور به ڀلا سهڻ جهڙو ٿيندو .
وڏا ماڻهو ته تڪليفون ۽ امتحان برداشت ڪري ويندا آهن پر معصوم ٻار ڪيئن اهي تڪليفون برداشت ڪندا ۽ ڪن به ڇو؟ افسوس ته ان نڀاڳ زهن تي آهي جيڪو ٻارن تي به ظلم ۽ ڏاڍ کان نه ٿو مُڙي ۽ وڏن جا پلاند ٻارن کان ٿو وٺي. اها به هڪ قسم جي بزدلي آهي پر ابهم ٻاڙي ته غير مسلم هوندي به ڏهين محرم تي سبيل پياري رهي هئي. ان عظيم ڪم جو يقين ئي نه ٿو اچي ته ڪو اهڙو صلو يا نڪري سگهي ٿو. سو هن معاملي ۾ ته خود مذهبي ڌرين کي به اڳتي اچڻ گهرجي ها ته پريا ڪماري ته نيڪي جو ڪم ڪري رهي هئي سندس نيڪي کي ڇو سزاوار ڪيو ويو ۽ کيس نيڪي جي ڪم جي سزا ڏئي ڪهڙو پيغام ڏنو ويو آهي؟ پريا ڪماري جا والدين ته فخر ڪندا هوندا ته اسان جي نياڻي نيڪي جو ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جي عظيم ماضي واري مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو هڪٻئي جا مذهبي ڏڻ ۽ تهوار گڏجي ڪندا هيا، پريا ڪماري ته ان روايت جو اهو عظيم تسلسل هئي جنهن کي ڄڻ ته روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
هُوءَ نياڻي ته پنهنجي طور به سوچيندي هوندي ته آخر سندس ڪهڙو ڏوهه هو جنهن جي کيس سزا ڏني وئي آهي. کيس ماءُ پيءُ کان ڀري ڪيو ويو آهي. هُوءَ سوچيندي هوندي ۽ ڦٿڪندي هوندي ته مون کانسواءِ امڙ ته الائي زنده به هوندي الائي نه ۽ هيڏانهن سندس امڙ واقعي به زنده لاش بڻجي وئي آهي. هُوءَ پريا کي ڀلا ڪيئن اڪيلو ظالمن وٽ ڇڏي گذاري ويندي. هُوءَ ته رڳو پريا جي انتظار ۾ زنده آهي. پر اهو به ڪهڙو جيئڻ آهي جنهن جي ساهه کي هر وقت اهو اُلڪو هجي ته پريا الائي ڪٿي ۽ ڪيئن آهي. هُوءَ ته ان بابت خراب خواب به ڏسڻ نه ٿي چاهي هُوءَ ته بس نيڪ تمنائن جي سراب ۾ تڪيون ويٺي آهي.
سو پريا ڪماري جي اغوا جو جذباتي معاملو پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت، پوليس ۽ عدالتن کي ته هن معاملي کي نج ڪرائيم ۽ قانوني دائري ۾ ڏسڻ گهرجي. هن کي ته اهو ڏسڻو ئي ناهي ته جوابدار ڪيڏا بااثر آهن. بااثرن کي سزا ڏياري ٿي ته حڪومت پنهنجي رٽ کي مڃائي سگهي ٿي، سو هتي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي گذارش ڪنداسين ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي فرار ٿيڻ واري خبر جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ حڪومت توڙي انتظاميا کان پڇاڻو ڪري ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ حڪومت ۽ انتظاميا آخر ڇو بي وس آهي ۽ پريا ڪماري بابت ٽي سال گذرڻ باوجود ڇو ڪنهن نتيجي تي ناهي پهچي سگهي. اسان جو خيال آهي ته عدالت ۾ ئي طاقت آهي ته اها حڪومت کان ان معاملي تي پڇاڻو ڪري سگهي ٿي.