ڪراچي/ لکي غلام شاهه/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي آرائين بلاڪ ويجهو مهر جتوئي ڌرين وچ ۾ وڻ وڍڻ سان شروع ٿيل ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور جي هدايت تي ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو جي اڳواڻي ۾ پهتل مختلف ٿاڻن جي پوليس مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، واقعي ۾ ايس ايڇ او بچل ڀيو سهراب خان اوڍو مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته شهيد ٿيل ايس ايڇ او سهراب خان اوڍو جو مڙهھ سکر کان شڪارپور منتقل ڪيو ويو ايس ايس پي شڪارپور جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب قادراڻي جتوئي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ايس ايڇ او بچل ڀيو ٿاڻو سهراب خان اوڍو کي شھيد ڪيو آهي ڏوهارين خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو، خبر موڪلڻ تائين ايس ايس پي شڪارپور جي اڳواڻي ۾ ڪچي ۾ پهتل پوليس ڪچي واري علائقي ۾ موجود رهي. ايس ايڇ او جي شهادت بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. شھيد ٿيل سھراب اوڍو جيڪب آباد تعلقي جي ڳڙھي خيرو تعلقي جي ڳوٺ ربن جي وانڍ جو رھواسي آھي.ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس ايڇ او سهراب اوڍو جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهيون، پوليس جون قربانيون رائيگان نه وينديون، امن جي دشمنن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سهراب اوڍي جي شهادت واري واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
-
زمين به اسان جي آهي، ايم پي اي عارف مهر پنهنجا هاري اُٿاري: قادراڻي ڌر جو وڊيو بيان
لکي غلام شاهه: جتوئي ڌر جي قادراڻي پاڙي جي هٿياربندن سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان وائرل ڪندي چيو آهي ته زمين اسان جي آهي پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مھر پنهنجا هاري اٿاري وڃي، اهڙي وڊيو بيان جاري ٿيڻ بعد پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهچي ته پوليس مٿان فائرنگ ڪئي وئي، ٻئي طرف پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مھر پاران انهي وڊيو بيان بابت ڪنهن به قسم جو موقف ظاهر نه ڪيو آهي.