سکر (ويب ڊيسڪ) ايڊووڪيٽ سهيل ميمڻ چيو آهي ته ٻه ٽي سئو ڇورا ڪوڙيون آءِ ڊيز ٺاهي نوڪرين سان لڳل آهن ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جو راڳ مسلسل ڳائي رهيا آهن.
هن چيو ته انهن سان گڏ مذهبي ماڻهو، جيڪي وڏن جا پگهاردار آهن، سڀ ميدان ۾ لٿل آهن، پر اهي سڀ سنڌ کان ٻاهران آيل آهن ۽ سنڌ خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن انهن کي سنڌ کي ٽوڙي صوبو گهرجي ته اسان کي به پنهنجو سنڌ وطن واپس گهرجي.
سهيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جاگرافي ٽوڙڻي آهي ته پوءِ هزارين سال پراڻي سنڌ وطن جي جاگرافي ئي ڇو؟ 1971ع کانپوءِ واري 50 سالن جي ملڪ جي جاگرافي ڇو نه؟