مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) جي وڌندڙ غلط استعمال بابت دنيا کي خبردار ڪندي سخت قدمن جو مطالبو ڪيو آهي.
اي آءِ بابت ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته جيڪڏهن هٿرادو ڏاهپ غلط هٿن ۾ هلي وئي ته اها اربين انسانن جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو اي آءِ کي اهڙي هٿيار طور استعمال ڪري سگهن ٿا، جنهن جو اڳ ڪڏهن تصور به نه ڪيو ويو هجي. حڪومتن کي گهرجي ته هن ٽيڪنالاجي تي سخت نگراني رکن ۽ ان بابت سخت قانون جوڙين.