حيدرآباد (پ ر ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي قتل ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي واري مسئلي تي 12 آڪٽوبر تي ڏينهن جو 3 وڳي قوم پرستن ۽ سُڄاڻ ڌريڻ جي قومي ويهڪ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جي رهائشگاهه سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي رکي وئي آھي، جسم سربراه رياض علي چانڊيو ويهڪ ۾ شرڪت لاءِ ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد زين شاھ، صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زنئور، اسلم خيرپوري، مشتاق ميراڻي، بدر چنا، ظفر جوڻيجو، اسماعيل وساڻ، پرو فيسر بدر سومرو، جامي چانڊيو، اسد بٽ، قاضي خظر حيات، سنڌو نواز گانگهرو، عاليا بخشل ٿهلو، پنهل ساريو، مسررو شاھ ۽ ٻين کي دعوتون ڏنيون، رياض علي چانڊيو چيو ته مسلسل جعلي پيرن ۽ جي يو آءِ جي عمرڪوٽ ۾ يلغار ڪرائي سنڌ جي ماڻھن کي ڊيڄايو ويو آهي .ته جيئن سنڌ جا ماڻھن 6 ڪئنالن خلاف جدوجهد نه ڪن، لکين ايڪڙ زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضي خلاف جدوجهد نه ڪن، ڪارونجهر جي بربادي ڪٽائي تي نه ڳالهائين، وسيلن ۽ بقا لاءِ نه ڳالهائين، خاموش رهن.