سگريٽ ڇڪڻ جي عادت خطرناڪ مرض کان بچائي ٿي! ماهرن جو حيران ڪندڙ انڪشاف

ڇا سگريٽ پيئڻ سان به ڪا خطرناڪ بيماري ٽري سگهي ٿي؟ هڪ حيران ڪندڙ سائنسي کوجنا سامهون آئي آهي.

هڪ اهڙو موذي زهر، جنهن کي دنيا جي سڀ کان وڏي قاتل طور سڃاتو وڃي ٿو. هڪ اهڙي بري عادت، جيڪا هر سال لکن ئي انسانن جون حياتيون نگلي ويندي آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سائنسدانن انهيءَ زهر مان هڪ اهڙي شئي ڳولي لڌي آهي، جنهن سڄي طبي دنيا کي ششدر ڪري ڇڏيو آهي. پهريون 30 هزار ماڻهن تي 65 سالن تائين کوجنا ڪئي وئي ۽ پوءِ 5 لک ماڻهن تي پڻ هڪ وسيڪ تحقيق ڪئي وئي.

ان تحقيقن جو نتيجو جڏهن سامهون آيو ته ناميارا ڊاڪٽر به دنگ رهجي ويا. سگريٽ نوشي ڪندڙ ماڻهن ۾ هڪ اهڙي لا علاج ۽ خطرناڪ بيماريءَ جو خطرو 40 سيڪڙو تائين گھٽ ڏٺو ويو، جنهن جو رڳو نالو ٻڌي ماڻهو خوف کان ڏڪي ويندا آهن.

سال 2020ع ۾ ”نيورالاجي جرنل“ ۾ هڪ اهم رپورٽ ڇپي. برطانيا جي 30 هزار ڊاڪٽرن جو لڳاتار 65 سالن تائين مشاهدو ڪيو ويو. جنهن مان پتو پيو ته جيڪي ڊاڪٽر سگريٽ پيئندا هئا، انهن ۾ دماغ جي هڪ خاص موزي بيماريءَ جو امڪان 30 کان 40 سيڪڙو تائين گھٽ هو. سال 2002ع ۾ جاڙي ڀائرن (Twin) تي تحقيق ڪئي وئي؛ ٻه سڳا ڀائر، ساڳيو رت، شڪل صورت ۾ به هوبهو هڪجهڙا، پر جنهن ڀاءُ کي اها بيماري نه ٿي، اهو وڌيڪ سگريٽ ڇڪيندو هو.

پوءِ 8 سيپٽمبر تي تحقيق جي دنيا ۾ هڪ وڏو تحرڪ آيو، جڏهن عالمي سطح جي سڀ کان وڏي طبي رسالي ”جاما نيورالاجي“ ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي رپورٽ جاري ٿي. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ چين جي سائنسدانن ٻڌايو ته اهي ماڻهو جن ڪڏهن سگريٽ کي هٿ به نه لاتو هو، پر انهن جي ساهه ۾ ڪاربن مونو آڪسائيڊ گئس جو مقدار (يعني PPM3) کان وڌيڪ هو، انهن ۾ به ان بيماريءَ جو امڪان 30 سيڪڙو گھٽ نظر آيو.

اها خطري واري بيماري پارڪنسنز (Parkinson’s) آهي. پارڪنسنز هڪ اهڙي موزي بيماري آهي جنهن ۾ رڳو هٿ ناهن ڏڪندا، پر گهمڻ ڦرڻ مطلب هلڻ جي رفتار به سست ٿي ويندي آهي، چهرن جا تاثر ختم ٿي ويندا آهن ۽ آهستي آهستي انسان مڪمل طور ٻين جو محتاج بڻجي ويندو آهي. هن وقت رڳو آمريڪا ۾ ئي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهو ان بيماريءَ جي وڪڙ ۾ آهن. الزائمر کان پوءِ اها دماغ کي تباھ ڪندڙ ٻي سڀ کان وڏي بيماري آهي.

هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته سگريٽ ان بيماريءَ کان ڪيئن تحفظ ڏئي ٿو؟ ان جا سائنسدانن وٽ 3 منطقي جواب آهن:

  1. پھريون سبب: ڪاربن مونو آڪسائيڊ. جيتوڻيڪ اسان ان کي هڪ خطرن واري گئس سمجهندا آهيون ۽ وڌيڪ مقدار ۾ اها موتمار آهي، پر اسان جو جگر ۽ جسم پاڻ به ان کي خفيف مقدار ۾ جوڙيندو آهي. فلوريڊا يونيورسٽي جي ڊاڪٽر مائيڪل جو چوڻ آهي ته گهٽ مقدار ۾ اها گئس دماغ اندر سڳڃ کي گھٽائي ٿي ۽ ڊوپامائن ٺاهيندڙ خلين (سيلز) کي تباھ ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي ۽ پارڪنسنز بيماريءَ ۾ اهي ئي خليا مرندا آهن.
  2. ٻيو سبب: نڪوٽين. نڪوٽين دماغ جي انهن سرڪٽس کي تحرڪ ۾ آڻيندي آهي جيڪي ڊوپامائن کي ڪنٽرول ڪندا آهن.
  3. ٽيون سبب: تماڪ جو ڪو ٻيو مخفي جزو. هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر البرٽو ايشريو موجب، تمباڪو ”MAO-B“ نالي انزائيم جي عمل کي روڪي ٿو. اهو انزائيم ڊوپامائن کي ٽوڙڻ جو ڪم ڪندو آهي، پوءِ جڏهن اهو انزائيم رڪجي ويندو ته دماغ ۾ ڊوپامائن جي سطح محفوظ رهندي.

ان جو وڏو ثبوت اهو به آهي ته دونهين کانسواءِ تماڪ (بغير دونهين وارا تماڪ) استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ به پارڪنسنز جو خطرو گھٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي.

پر خبردار! ان سڄي تحقيق مان اهو نتيجو هرگز نٿو نڪري ته سگريٽ نوشي جو ڪو نقصان ناهي يا سگريٽ پيئڻ شروع ڪرڻ گهرجي. اهڙي سوچ قائم ڪرڻ پاڻمرادو خودڪشي ڪرڻ برابر آهي. دنيا جو ڪوبه ڊاڪٽر يا سائنسدان اهو نٿو چوي ته سگريٽ پيئڻ دماغ لاءِ فائدي مند آهي.

حقيقت اها آهي ته سگريٽ جا تباهه ڪندڙ نقصان ان جي ان هڪ امڪاني فائدي کان هزارين ڀيرا وڌيڪ آهن. آمريڪا ۾ هر سال 4 لک 80 هزار ماڻهو رڳو سگريٽ ۽ ان جي دونهين سبب اجل جو شڪار ٿين ٿا. هڪ ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو سگريٽ مان پيدا ٿيندڙ موذي بيمارين سان روزاني جنگ وڙهي رهيا آهن. سگريٽ ڪينسر، دل جي دوري، فالج، ڦڦڙن جي بيمارين ۽ شوگر سميت درجنن موذي بيمارين جو بنيادي سبب آهي.

خدارا! ان تحقيقاتي جائزي کي سگريٽ نوشيءَ لاءِ ڪو جواز نه بڻايو. جيڪڏهن توهان سگريٽ ڇڪيو ٿا ته اڄ ئي ان کي خيرباد چوڻ جو ارادو ڪريو. سگريٽ ترڪ ڪرڻ ئي بهترين صحت ۽ حياتيءَ جي سڀ کان وڏي فتح آهي.

You might also like