”پيغمبر خدا لاءِ جگر جي شفا جو الهامي نسخو!“ فائدن جو قرآن ۾ ذڪر ۽ سائنسي اعتراف

اسلامي تاريخ ۽ قديم تفسيري روايتن ۾ آهي ته بني اسرائيل جي جليل القدر پيغمبر حضرت حزقيل عليه السلام سان هڪ ايماني ۽ تاريخي واقعو منسوب آهي. تاريخي ڪتابن، بالخصوص قصص الانبياءِ ۽ اسلامي طب جي قديم مراجعن ۾ بيان ٿيل آهي ته جڏهن حضرت حزقيل عليه السلام جگر جي شديد بيماريءَ ۽ تڪليف ۾ مبتلا ٿيا، ته کين الله تعاليٰ جي بارگاهه مان وحي ذريعي علاج ۽ شفاءُ جو خاص نسخو عطا ڪيو ويو.

روايتن موجب الله تعاليٰ کين وحي ذريعي انجير کائڻ ۽ ان جو استعمال ڪرڻ جو حڪم فرمايو. حضرت حزقيل عليه السلام ان الهامي هدايت تي عمل ڪندي انجير جو استعمال ڪيو، جنهن جي برڪت سان الله تعاليٰ کين جگر جي موذي بيماريءَ مان مڪمل شفاءُ ۽ صحت عطا فرمائي.

ان ڳالهه سان گڏ سائنسي ۽ طبي تحقيقون به ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته انجير جگر، معدي ۽ هاضمي واري نظام جي سوڄ ختم ڪرڻ ۽ زهرلي مادي جي جسم مان نيڪالي لاءِ بهترين طاقت رکي ٿو.

انجير ۾ قدرتي اينٽي آڪسيڊنٽس، فائبر، پوٽاشيم ۽ ڪئلشيم وڏي مقدار ۾ ملي ٿو جيڪو جگر جي سيلز کي نقصان کان بچائي ٿو.

طب، تفسير ۽ اسلامي تاريخ جي ڪجهه ڪتابن ۾ انجير، زيتون ۽ ماکي کي مختلف بيمارين لاءِ شفا ڏيندڙ سمجهيو ويندو آهي. ان کانسواءِ قرآن ۽ حديث ۾ به انهن شين جي وڏي فضيلت ۽ طبي فائدن جو ذڪر موجود آهي.

You might also like