ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن تي حملو ۽ عالمي ڇڪتاڻ جا خطي تي پوندڙ اثر

تحرير: نثار لغاري

هن وقت  عالمي سطح تي  جيئن جيئن  بحران ۽ ٽڪراءَ  وڌي رهيا آهن  تيئن اسان جي خطي ۽  ملڪ تي ان جا اثر  پڻ  ظاهر ٿي رهيا آهن   مثال طور آمريڪا   ۽ سندس  اتحادي  قوتون هتي سي پيڪ کي ناڪام ڏسڻ چاهين ٿيون ان ڪري انهن مختلف مقامي تضادن کي استعمال ڪندي  هن خطي ۾ پنهنجي  تضادن ڏانهن رويي کي اظهارڻ  شروع ڪيو آهي  افسوس  ته هتي جي تضادن کي حڪمران طبقن  ڪڏهن  به اهميت ناهي ڏني  انڪري آهي تضاد  جيڪي قومي جمهوري طبقاتي مذهبي سڀني قسمن جا ٿي سگهن ٿا ۽  آهن انهن کي استعمال ڪرڻ  انهن وسيلي  معاملن کي بگاڙڻ جو سلسلو تيز ٿي رهيو آهي.  هتي حڪمران طبقا  پارليامينٽ  اندر توڙي ٻاهر  وڙهيا  پيا آهن  انھيءَ  صورتحال  ۾  ملڪي  معاملن کي  حل  ڪرڻ  انهن تي بحث  ڪرڻ لاءِ  به ڪير تيار ناهي.

ويجهڙ  ئي ڪراچي ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل چيني انجنيئرن تي حملو؛ٿيو آهي  جيڪو ايندڙ   وقت جي خطرن کي اظهاري رهيو آھي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ صنعتي شهر ڪراچي ۾ چيني شهري تي ٿيل حملي هڪ ڀيرو وري پاڪستاني اختيارين کي ملڪ ۾ سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن سان لاڳاپيل چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت دٻاءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ جاري منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهري گذريل ڪجهھ سالن کان عليحدگي پسندن ۽ اسلامي شدت پسند تنظيمن جي نشاني تي رهيا آهن.پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ جن چيني شهرين تي حملو ٿيو آهي، انهن مان گهڻا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 62 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي وڏي واپاري منصوبن چين پاڪستان اقتصادي راهداري يا ‘سي پيڪ’ سان لاڳاپيل هئا.

سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيني انجنيئرن ۽ ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ موجود آهي.چيني شهرين تي تازو حملو آچر ڇھين آڪٽوبر جي رات ملڪ جي مصروف ترين ڪراچي ايئرپورٽ جي ويجهو ٿيو. چيني شهرين کي وٺي ويندڙ سيڪيورٽي قافلي تي ٿيل ان حملي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجي وڃڻ ۽ 11 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي.هن حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل بلوچ آزادي پسند گروپ، بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي آهي.

هي حملو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن اسلام آباد ۾ 14، 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اڳواڻن جي ھڪ گڏجاڻي ٿيڻ واري آهي.ڪجھه حڪومتي اهلڪار ۽ ماهر بي ايل اي جي ڪراچي حملي جي ٽائمنگ کي ڏسي ان کي ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي درھم برھم ڪرڻ جي ڪوشش پڻ قرار ڏئي رهيا آهن.

حملن جو سي پيڪ ۽ چين سان تعلق؟

پاڪستان ۾ شدت پسندي ۽ پاڪستان-چين لاڳاپن تي نظر رکڻ وارن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيتريون ئي پابندي مڙهيل تنظيمون ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ چيني شهرين کي نشانو بڻائي رهيون آهن. بهرحال، 2013 کان انهن حملن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ ان جو تعلق سي پيڪ سان آهي.سومر تي پابندي مڙهيل بي ايل اي پنهنجي بيان ۾ سي پيڪ منصوبي کي "بلوچن کي وڌيڪ غلاميءَ ڏانهن ڌڪڻ ۽ انهن جي قدرتي وسيلن کي ڦرڻ جي هڪ بڇڙي سازش” قرار ڏنو آهي.آچر جي رات جن چيني شهرين کي نشانو بڻايو ويو، اهي ڪراچي ۾ سي پيڪ جي هڪ منصوبي، پورٽ قاسم اٿارٽي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ سان لاڳاپيل هئا.

پنهنجي تازي بيان ۾ بي ايل اي الزام لڳايو آهي ته "چين ۽ پاڪستان بلوچستان جي قيمتي وسيلن، جهڙوڪ ريڪوڊڪ جي سون ۽ ٽامي جي کاڻين، سينڊڪ جي معدني ذخيرن ۽ گوادر جي گهري سمنڊ جي بندرگاھ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڦرلٽ وارو منصوبو تيز ڪري ڇڏيو آهي.”بي ايل اي ۽ ٻيا بلوچ آزادي پسند سي پيڪ جي شروعات کان اڳ به بلوچستان ۾ چين جي سرگرمين کي پنهنجن وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيندا رهيا آهن.

سي پيڪ جي اعلان کان نو سال اڳ مئي 2004 ۾ چيني مفادن تي پهريون حملو بلوچستان جي سامونڊي شهر گوادر ۾ ٿيو هو. ان وقت گوادر بندرگاھ جي تعمير لاءِ چيني ماهرن کي کڻي ويندڙ گاڏي کي هڪ بم ڌماڪي ذريعي نشانو بڻايو ويو هو. ان حملو جي ذميداري پڻ بي ايل اي قبول ڪئي هئي.

بلوچ عليحدگي پسند گروپن کانسواءِ شدت پسند تنظيم ۽ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي به چيني انجنيئرن تي حملن ۾ ملوث رهي آهي.

جولاءِ 2007 ۾ خيبر پختونخوا جي ضلعي چارسدا ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ٽن چيني انجنيئرن کي قتل ڪيو هو. ان حملو جي ذميداري قبول ڪندي ٽي ٽي پي ان کي چين ۾ اوڀر ترڪستان اسلامڪ موومينٽ (اي ٽي آءِ ايم) نالي هڪ چيني شدت پسند گروپ جي اڳواڻ کي چيني حڪومت طرفان قتل ڪرڻ جو بدلو قرار ڏنو هو.

اسلام آباد ۾ قائم سيڪيورٽي ٿنڪ ٽينڪ ’پاڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز’ جي انگن اکرن موجب 2017 کان چيني شهرين ۽ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي 16 حملن ۾ 12 چيني شهرين جي قتل ۽ 16 ڄڻي جي زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن.

چيني شهريَن تي حملا ڪراچيءَ ۾ ڇو؟

پاڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي انگن اکرن موجب، آچر جي رات بي ايل اي پاران ٿيل حملو 2017 کان هيل تائين ڪراچيءَ ۾ چيني شهريَن تي اٺون حملو آهي.انهن حملن مان اڪثر بلوچ ۽ سنڌي آزادي پسند گروهن پاران ڪيا ويا آهن، جن ۾ بي ايل اي سان گڏوگڏ سنڌو ديش ريولوشنري آرمي (ايس آر اي) به اڳڀري آهي، جيڪا جولاءِ 2020 ۾ پاڪستان ۾ چين جي مفادن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٺهيل ‘براس’ نالي بلوچ آزادي پسند تنظيمن جي نيٽ ورڪ جو حصو آهي.محقق فهد نبيل وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ چيني انجنيئرن تي آچر رات ٿيل حملو، شهر ۾ 2005 کان هيل تائين بلوچ آزادي پسند گروهن جو 29 هون حملو هو.فهد نبيل جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ حملو ڪري بي ايل اي عالمي خبرن جو ڌيان ڇڪائڻ گھري ٿي.

چين سي پيڪ ھيٺ پاڪستان ۾ نوان روڊ بندرگاھ، ۽ توانائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪري چڪوآهي ۽ ڪيترائي نوان منصوبا شروع ۽ مڪمل ٿيڻ وارا آهن.پر ماهرن ۽ عملدارن جو چوڻ آهي ته تازن سالن ۾ چيني مفادن ۽ شهريَن تي شدت پسند گروهن جي حملن ۾ واڌ جي ڪري چين جي حڪومت پريشان آهي ۽ پاڪستان تي پنهنجو دٻاءُ وڌائي رهي آهي.

ڪراچيءَ ۾ ٿيل تازي حملي کانپوءِ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل بيان ۾ چيني عملدارن پاڪستاني حڪومت کان هن حملي جي مڪمل جاچ ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سان گڏ، هن بيان ۾ مختلف منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهريَن جي حفاظت لاءِ قدمن تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڳ ۾ ئي دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ چيني شهريَن جي حفاظت هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي.

ويجهي ماضي ۾ ڪراچيءَ ۾ چيني باشندن جي حفاظت تي مقرر هڪ سڪيورٽي آفيسر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هزارين جي تعداد ۾ چيني ماهر ۽ ڪارڪن، گهڻو ڪري بندرگاھ، کاڻن، معدنيات، توانائي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ۽ تعميرات جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن. انهن چيني شهريَن کي حفاظت مهيا ڪرڻ ۾ وڏا چئلينج آهن.

معاملن جي حساسيت جي ڪري، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو، "ملڪ ۾ سي پيڪ سان گڏوگڏ نجي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ چيني باشندن جو تعداد پڻ وڌي رهيو آهي. ٻئي طرف، انهن کي نشانو بڻائيندڙ بلوچ ۽ سنڌي ويڙھاڪ، ٽي ٽي پي ۽ داعش جهڙا گروھ وڌيڪ طاقتور ٿي رهيا آهن.”

جون 2022 ۾ انهن ئي خدشن جي بنياد تي چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت لاءِ چين پاڪستاني حڪومت کان سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ پنهنجي شهريَن لاءِ هڪ خانگي چيني سيڪيورٽي ڪمپني ٺاهي ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو هو.گذريل ڪافي عرصي کان مختلف ٽيڪنوڪريٽ توڙي دانشور  اهو لکندا ۽  تجويزون ڏيندا پيا اچن ته ملڪ جي اندروني معاملن  خاص طرح  صوبن کي سياسي معاشي  طرح  خودمختيار ڪيو  جمهوري فيصلا ڪريو وفاق صوبن جي وسيلن کي تسليم ڪري انهن کي پاڻ  ڀرو ڪري تڏهن ملڪي معاملا بهتر ٿيندا ٻي صورت ۽  اسان جو هي خطو هڪ وڏي  بحران جو شڪار ٿيڻ  وارو آهي   اهو مطالبو پڻ  زور وٺي  رهيو آهي ته  قومن سان نئون سوشل  ڪانٽريڪٽ  ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.