سنڌ ۾ گذريل ٽن ھفتن دوران جيڪي واقعا ٿيا آھن ، انھن سنڌ جي ھزارين سالن جي ماڻھپي جي قدرن کي لوڏي ڇڏيو آھي، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل کان اڳ ۽ پوءِ ٿيندڙ واقعن ۽ حالتن تي سوچيندي جسم ڪنبڻ لڳي ٿو، دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳي ٿو ته ڇا سنڌ ۾ ايڏي انتھا پسندي به ٿي سگھي ٿي ؟ جھڙي ريت سنڌ ۾ غيرت جي آڙ ۾ نياڻين کي ڪاريءَ ڪري ماريو ويندو آھي تيئن ھاڻي مذھب جي آڙ ۾ ماڻھن کي مارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ، مذھب به اھو جيڪو چوندو ھجي ته ھڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آھي پر صورتحال ان حد تي اچي پھتي آھي جو قانون جا رکوالا ، ماڻھن جا محافظ ، اسان جي زندگين جي تحفظ جو قسم کڻندڙ پوليس وارا ماڻھو کي ھڪ الزام جي بنياد تي ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي ماريو ڇڏين.
ھن ملڪ ۾ تاريخ ۽ جاگرافي ته هميشه غلط پڙھائي وئي آھي پر سوچڻو پوندو ته مذھب جي نالي ۾ ڇا پڙھايو پيو وڃي، ھي سوچڻ جو مقام آھي مدرسن ۾ ڇا پڙھايو پيو وڃي، سڄي حڪومت وٽ مدرسن جي نصاب کي جانچڻ جو ته ڪو نظام ئي ڪونھي نه ته اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته اسلام جي نالي تي مسلمانن جي اڪثريت واري ملڪ ۾ مسلمان ئي مسلمانن جو سڀ کان وڏو قاتل آھي، ھن ملڪ ۽ رياست کي ٻين ملڪن ۽ ٻين مذھبن کان ڪڏھن به ڪو خطرو نه رھيو آھي پر پنھنجو پاڻ کان سڀ کان وڌيڪ خطرو رھيو آھي، اسان وٽ ھر گھٽي گام تي الله جا گھر ته موجود آھن پر ھڪ فرقي جا ماڻهو ٻي فرقي جي مسجد ۾ وڃڻ به پسند نٿا ڪن. خدا جا گھر فرقن ۾ ورھايل آھن ، ديو بندي کي بريلوي کان چڙ آھي ته بريلوي کي ديو بند کان خوف آھي، شيعو، سني کان پري آھي ته سني شيعي کان خفا آهي. ايتري قدر جو ھڪ فڪر وارو ٻئي فڪر واري جي ماني کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ به مناسب نٿو سمجھي. ماڻھن جا ماڻھن سان ويڇا، مسلمان ئي مسلمانن کي ويڙهائي به ٿو ، ماري به مسلمان ٿو ته مري به مسلمان ئي ٿو. جڏهن ته اسلام چوي ٿو ته خدا جي رسي کي مضبوطيءَ سان جھليو ، پوءِ ھي ڪير آھن، تاريخ ۾ پوئتي نگاھ ٿا وجهون ته مخدوم بلاول جي ھڏن جا ٽڙڪاٽ اڄ به ٻڌڻ ۾ پيا اچن ، جڏھن سندس آخري خواھش مطابق پيرن ڀر گھاڻي ۾ وڌو ويو ھئو، مخدوم بلاول ته عالم ھئو ، سندس تلاوت ٻڌڻ پري پري کان ماڻھو ايندا ھئا سو مقدس ڪلام جي توھين ڪيئن پئي ڪري سگھيو پر مٿس توھين جو الزام ھڻندڙ به مسلمان ھئا ، تاريخ ۾ اسان کي بلي شاھ جي موت کان پوءِ سندس جنازي نماز پڙھڻ تي پڻ تڪرار نظر ٿو اچي، کيس مٽي ماءِ حوالي ڪرڻ به نه پيو ڏنو ويو، تاريخ ۾ جيئن جيئن پوئتي وڃبو تيئن تيئن اسان کي نظر ايندو ته مذھب جي نالي ۾ مذھب جي ابتڙ ھلندڙ ملندا، منصور بن حلاج ھجي يا حضرت شمس تبريز ھجي ، حضرت امام حسين ھجي يا ان کانپوءِ ٿيندڙ واقعا ھجن سڀ تاريخ ۾ موجود آھن پر اڄ ڪلھه سنڌي سماج ۾ سھپ ، رواداري ، دليل سمجھڻ يا سمجھائڻ جي ڪال ٿيندي پئي وڃي، ھڪ ھجوم آھي ، جنھن جي ھٿ ۾ پٿر آھن ، جيڪو سچ کي سنگسار ڪرڻ ٿو چاھي ، ھڪ سچ آھي جيڪو روز مري ٿو روز جيئي ٿو، سچ سقراط آھي ڀلا جي زھر جو پيالو نه پئي ھا ته ڇا ٿئي، پر سچ جي شان سلامت رکڻ سقراط لاءِ ضرور ھئو.
ان ڪري سچ جو عاشق پٺتي نه ھٽندو، ڀلي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ ھجوم سامھون ھجي. اسلام ۾ ته سچ جي سڀ کان گھڻي اھميت آھي پر ھي ڪير آھن جيڪي سچ جا ويري ھوندي به مذھب جو نعرو ھڻن ٿا، ماڻھپي جي نڙي گھٽيندڙ ھي ماڻھو جي روپ ۾ ڪير آھن ، ماڻھو ته زمين تي خدا جو نائب بڻجي آيو، خدا جيڪو خالق آھي ماڻھو ته ان جي مخلوق آھن، خالق ۽ تخليق جو گھرو ناتو آھي، خالق کي سمجھڻ لاءِ تخليق کي سمجھڻ ضروري آھي، ماڻھو جي تخليق نه ھجي ھا ته کيس اشرف الخلوقات ڇو سڏيو وڃي ھا، ھر مخلوق کان ماڻھو اتم آھي پوءِ بنا سوچڻ سمجھڻ جي خالق جي مرضيءَ بنا تخليق جي چير ڦاڙ ڪندڙ ماڻھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو.
ماڻھوءَ کي ٿو کائي ماڻھو
آھي ڪو سمجھائي ماڻھو. ( مدھوش)
سو سنڌ ۾ ھي سڀ ڪجھ ڏسي سنڌ جي ساڃاھ وندن جي ذميواري وڌي وڃي ٿي، ھنن حالتن ۾ صوفياڻي سرزمين جي سنڌين کي سڀ کان وڌيڪ ايڪتا جي ضرورت محسوس پئي ٿئي، اچو ته ھڪ ٻئي جو احترام ڪندي، ھڪ ٻئي سان محبتون ونڊيندي امن ۽ آشتيء جو پيغام کڻي اڳتي وڌون ۽ انتھا پسنديءَ کي پٺ تي ڌڪيون.