دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانھن وڌي رھي آهي. مسلمان موري گجر جيان وڍيا پيا وڃن. ايران کان سواءِ مسلمان ملڪ مفادن جي محبت ۽ موت جي خوف سبب پنھنجي ڪرنگھي جي ھڏي ڀڃرائي چڪا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران جي 180 ميزائلن سان تازي حملي سبب اسرائيل ۽ ان جي پيروڪارن کي ڌوڏي ڇڏيو آھي. نھ رڳو ايترو پي اسرائيلي دفاعي ڇت (آئرون ڊوم) 85 سيڪڙو ڦاٽڻ سبب اسرائيل کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي.
حسن اتفاق آھي جو جڏهن به ڪنھن قومي مفاد جي سرخرو ٿيڻ جو اھتمام ٿيندو آھي تھ عمران خان اسلام آباد تي ڪاھ ڪري ايندو آهي. ھو ريلين، ڌرڻن ۽ جيل ڀريو تحريڪن جي ناڪامي جو وسيع تجربو رکندو آهي. آگسٽ 2014ع ۾ سياست کي لتاڙيندي اھڙي موقعي تي رياست بچائڻ لاءِ اسلام آباد پهتو، ھو جڏھن چيني صدر شي جن پنگ جو ھڪ مھيني بعد پاڪستان ايندڙ صدر شي جن پنگ، جو دور روڪرائي سگھي. چيني صدر جي دوري جو مقصد سي پيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پارليامينٽ کي خطاب ڪرڻ هو.
اقتدار کان جدا ٿيڻ کان اڳ ئي ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي رٿ ترتيب ڏني تھ ”عمران خان نه، ته پاڪستان بھ نه“ واري پاليسي تي عمل ڪيو ويو. 26 مئي 2022 تي قطر ۾ آءِ ايم ايف سان پاڪستان کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ اجلاس طئي ٿيو تھ، ھو 25 مئي تي 3 لک ماڻهن سان گڏ لانگ مارچ ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ جا ،آءِ ايم ايف کي خط ۽ آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي هيڊ ڪوارٽر ٻاهران احتجاج تھ ”عمران خان نه، ته پاڪستان نه“ واري احتجاج واري رجحان ۾ اضافو ڪيو. سخت دٻاءُ واري حالت ۾مملڪت سرخرو ٿي وئي ۽ اڄ ڊفالٽ جو خطرو ٽري ويو.
اسلام آباد ۾ 15 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو سربراهه اجلاس ملڪ لاءِ هڪ منفرد اعزاز آهي. ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي چڪا آهن. ھڪ ڀيرو ٻيھر اسلام آباد تي عمران خان ڪاھ ڪري آيو آهي.
مشهور ماکي واري سرڪار علي امين گنڊاپور جو امتحان سخت آھي ”اي غم زندگي ڪڇ تو دي مشورا ، مين ڪھان جائو ھوتا نھين فيصلا “ هڪ طرف ڪور ڪمانڊر پشاور جو گهر ۽ ٻئي طرف چيئرمين جو ئي ڪندو.اطلاع ڏيندو ھلان تھ ھن ڀيري بھ گنڊاپور اسلام آباد پهچڻ ۾ ناڪام ٿيندو. شايد کيس وڏي وزارت تان بھ هٿ ڌوئڻا پون. ان ڏينھن ميانوالي، بهاولپور، فيصل آباد ۾ ٽئي احتجاج مڪمل طور ناڪام ٿي ويا. يقينن اسلام آباد جو احتجاج به ناڪام ٿيندو، ايس سي او ملڪن جو سربراهه اجلاس وقار ۽ احترام سان ٿيندو. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پرامن ماحول ۾ دورو مڪمل ڪندي. پاڪستان جا دشمن وري پيا ڌوڙ پائيندا.عمران خان کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد احتجاج سان ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ نفرتن جو بندوبست ٿي پئي تھ ھن جا پئسا پورا ٿي ويندا.
اصل موضوع پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ، سپريم ڪورٽ جي سرپرستي ۾ ڌڪ ڌڪان ڇڪ ڇڪان جاري آهي. انگريزي فلم “KRAMER vs KRAMER” جي طريقي جيان سپريم ڪورٽ مقابلو سپريم ڪورٽ آھي. هڪ الڳ وڏو وڳوڙ ۽ جنگ آهي. 72 سالن کان سپريم ڪورٽ اسٽيبلشمينٽ جي طاقت تي پارليامينٽ ۽ با اصول ججن کي بي وقار ڪيو آھي. رنگ بدليو آھي تھ اڄ اسٽيبلشمينٽ، وطني پارليامينٽ ۽ بااصول ججن جي پٺيان بيٺي آھي. قيامت جون نشانيون آهن. جڏهن ته من پسند ججن سان بيٺل ضرور آھي ڪپتان.
ان ڪري ”پسنديده ججن“ جي ترتيب ۽ تائيد ۾ ردوبدل سان ئي يار جي مزاج تي ڀاڙيندي بدڪلامي نھ ٿي وڃي. عرض ڪيو آهي ته بندوق جي طاقت ۽ عدليه جي پٺڀرائي سان حاصل ڪيل تخت،بندوق ۽ عدليھ جي ٽڪر ۾ نھ اچي، ناممڪن. ”تو لاءِ تھ تلوار زندھ باد، تو لاءِ تھ تلوار مردھ باد“
عدالتن جا آئيني فيصلا اسان جي عدالتي تاريخ جو اونداهو باب آهن. 1953ع ۾ جسٽس منير کان وٺي جسٽس بنديال جي ته 63//اي .تي فيصلي ،کان جسٽس منصور علي شاهه ۽ 7 ججن جو، پي ٽي آءِ کي مخصووص سيٽون ڏيڻ ، آئين جي ڀڃڪڙيءَ جا درجنين مثال عدليھ ئي تھ رقم ڪيا آھن، مشرف جي ،سپريم ڪورٽ کي درخواست ته ”مارشل لا کي ضرورت جو نظريو ڄاڻايو“، سپريم ڪورٽ! ”اسان توهان کي آئيني ترميمن جو اختيار پڻ سونپيون ٿا“. 2022ع ۾ تحريڪ انصاف جي خواهش آهي ته اسان جي ميمبرن کي 63/A تحت نااهل قرار ڏنو وڃي،” سپريم ڪورٽ! "انهن جي ووٽ کي ڳڻڻ نه گهرجي.”
سُني اتحاد ڪائونسل جي درخواست ”اسان کي خاص سيٽن کان محروم نه ڪيو وڃي“، سپريم ڪورٽ ” اسين اهي سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏينداسين ، جيڪا شروع کان ڪيس ۾ ڌر ئي نه هئي“. آئين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت ڏئي ٿو. 8 مهينن گذري وڃڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ! ” اسين ،پي ٽي آءِ کي 15 ڏينهن وڌيڪ ڏيون ٿا،“ اهو نه وساريو ته ان وقت اسٽيبلشمينٽ سپريم ڪورٽ جي پويان بيٺي هئي، اهي هئا سپريم ڪورٽ جي انصاف جا رنگ. ٻن معزز ججن جو چوڻ ھو ته ،پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس ”مان نٿو مڃان. “ انھن جي ٺاهيل بينچن ۾ ويهان يا نه. ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کان مٿي آهي؟ ججز حلف کڻندا آهن ۽ آئين کان الڳ آهن. وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان اڳ بلاول ڀٽو کي دل جي گهرائين سان داد ڏيڻو آھي. هو معاملن جي چڱي ڄاڻ رکندڙ قومي اڳواڻ طور اڀري آيو آهي. اڄوڪي تاريخ ۾ بلاول ڀٽو سڀني پراڻن ۽ نون سياستدانن کي شڪست ڏئي چڪو آهي. هڪ قدآور قومي شخصيت جي حيثيت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي.
آئيني ترميمن تي گوڙ اھڙو جو ،ڄڻ ڪا اڻ ٿيڻي ٿي رھي آهي. آئين ٺھڻ جي 50 سالن اندر لڳ ڀڳ 34 ترميمون ڪيون ويون. ڪجهھ تھ سامھون اچڻ کان اڳ ئي پوريون ٿي ويون.ڪي ٿوريون ئي قومي امنگن موجب، جڏهن ته ڏيڍ درجن اهڙيون ترميمون ڪيون ويون جو ”جڏهن هيءَ لٺ منهنجي آهي ته مينھن وري ڪيئن تنهنجي ٿيندي؟“.
آئين جي باني ڀٽو صاحب 3 سالن ۾ 7 ترميمون ڪيون هيون. پهرين ۽ ٻي ترميم کي ڇڏي باقي پنج ترميمن مان لڳو ته جمهوري روح قبض ٿي ويو . ڀٽو صاحب جي ٽين ترميم بنيادي حقن کي پهريون ڌڪ هو، جنهن تحت آرٽيڪل 10 (A) ۾ ترميم ڪري ڪنهن به شهري کي ڊي پي آر تحت 2 سالن تائين بغير ڪنهن مقدمي جي نظربند ڪري سگهجي ٿو. چوٿين ترميم، ڊي پي آر تحت قيدين جي ضمانت جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ جي آرٽيڪل 199 جي اختيار کي رد ڪري ڇڏيو. پنجين ترميم هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پاڻ ۾ گڏيل بدلي کي ممڪن بڻائڻو ھو. ڇهين ترميم سپريم ڪورٽ article هاءِ ڪورٽن ۾ چيف جسٽس جي ملازمت ۾ پنهنجي مرضيءَ سان واڌ جو اختيار وقت جي حڪومت کي ملي ويو. ڀٽي صاحب جي لھڻ تي 1977ع تائين آئين 73 جو جمهوري ڍانچو مڪمل طور تبديل ٿي چڪو هو.
پڪ سمجھجو! ايندڙ ڪالم لکڻ تائين حڪومت جو آئيني ترميمي پيڪيج شاندار ڪاميابي ماڻي چڪو هوندو، جنهن ۾ امڪاني طور پي ٽي آءِ به شامل ھوندي. پڪ ڄاڻو! عمران خان جي احتجاجي سڏ جو جھڙوڪ ويراني ۾ سڏ ھوندو. ان کان علاوه 63/A به اسٽرائيڪ ڊائون ٿيندي ۽ پي ٽي آءِ کي خاص سيٽون پڻ نه ملنديون. راوي کي ايئن لکڻو آهي.تحريڪ انصاف جي لاءِ سيپٽمبر ستمگر رھيو.آڪٽوبر ۾ رڳو نتيجن جي رسمي اشاعت آھي. ايندڙ وقت ۾ حڪومت لاءِ تمام سٺي رپورٽ آهي.
اقتدار کان جدا ٿيڻ کان اڳ ئي ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي رٿ ترتيب ڏني تھ ”عمران خان نه، ته پاڪستان بھ نه“ واري پاليسي تي عمل ڪيو ويو. 26 مئي 2022 تي قطر ۾ آءِ ايم ايف سان پاڪستان کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ اجلاس طئي ٿيو تھ، ھو 25 مئي تي 3 لک ماڻهن سان گڏ لانگ مارچ ڪيو ويو.پي ٽي آءِ جا ،آءِ ايم ايف کي خط ۽ آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي هيڊ ڪوارٽر ٻاهران احتجاج تھ ”عمران خان نه، ته پاڪستان نه“ واري احتجاج واري رجحان ۾ اضافو ڪيو. سخت دٻاءُ واري حالت ۾مملڪت سرخرو ٿي وئي ۽ اڄ ڊفالٽ جو خطرو ٽري ويو.