”اين ايڇ اي سنڌ مان ٽول ٽيڪس ته وٺي ٿي پر معياري روڊ ٺاهڻ ان جي ترجيح ۾ ڇو شامل ناهن“

 رپورٽن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ موٽر وي ايم 6 جي تعمير نه ٿيڻ تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اين ايڇ اي سنڌ مان ٽيڪس ته وٺي ٿي پر معياري روڊ ٺاهڻ ان جي ترجيح ۾ شامل ناهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي رڳو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي روڊن تي ڌيان ڏئي ٿي پوءِ ڇو نه سندن ٽول ٽيڪس اوڳاڙي تي بندش وجهي وڃي. عدالت اهي ريمارڪس داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڏنا. انهن عدالتي ٻڌڻين ۾ سکر ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جا ڊي آءِ جي، اين ايڇ وي عملدار، ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو نمائندو، ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس پي ٽريفڪ توڙي ٻيا واسطيدار پيش ٿيا. انهيءَ ٻڌڻي جي روشني ۾ عدالت سنڌ صوبي مان ٽول ٽيڪس جي آمدني ۽ ٽيڪس آمدني مان روڊن جي ٿيندڙ مرمت سميت ٻين معاملن جي جاچ نيب کان ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سٽي پوائنٽ وٽ ٿيل حادثن جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڊي آءِ جي سکر کان پڇاڻو ڪيو ته عدالت جي حڪم تحت حادثن جون رپورٽون ڇو پيش ناهن ڪيون ويون ڇا اوهان عدالت جي آرڊر کي مذاق سمجهو ٿا. ايئن عدالت اين ايڇ اي جي عملدارن مٿان پڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان سنڌ مان ٽول ٽيڪس ته اوڳاڙيون ٿا پر سنڌ ۾ معياري روڊ ٺاهڻ اوهان جي ترجيحات ۾ شامل نه آهي.

 ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ڪارڪردگي شرمناڪ حد تائين ناڪام ٿي چڪي آهي. قومي شاهراهون کڏن، ٽٽل ڪنارن ۽ موت جي کوهن ۾ تبديل ٿي ويون آهن، جڏهن ته نئون تعمير ٿيل حصو به ڪجهه مهينن ۾ ڀڄي پوي ٿو. هيءَ صورتحال صرف نااهلي ناهي، بلڪه سنڌ خلاف واضح بي حسّي ۽ انتظامي تعصب جو ثبوت آهي. ٽول ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو پر روڊن تي هڪ روپيو به لڳائي نٿو ڏٺو وڃي. وفاقي ادارو سنڌ کي مستقل طور نظرانداز ڪري رهيو آهي

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جڏهن ڳالهه بنيادي ڍانچي، ترقياتي منصوبن، مواصلاتي سهولتن ۽ معياري رستن جي اچي ٿي، ته ساڳي سنڌ کي ڄڻ ٻئي درجي جو صوبو سمجهي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. سوال اهو ٿو ٿئي ته جيڪڏهن سنڌ مان به ٽول ٽيڪس، فيس، ڊيوٽيون، ۽ قومي خزاني لاءِ آمدني پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي برابر وصول ڪئي وڃي ٿي، ته پوءِ سهولتن ۾ فرق ڇو؟ جيڪڏهن سنڌ جاماڻهو به ٻين صوبن جي ماڻهن وانگر ٽيڪس جمع ڪرائين ٿا، ته پوءِ ڇو انهن کي موٽ ۾ ٽٽل رستا، کڏا، مٽي ڀريل هاءِ وي ۽ جان ليوا شاهراهون ملن ٿيون؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن جون زندگيون ٻين صوبن جي ماڻهن کان گهٽ قيمتي آهن؟ ڇا انهن جا رت، انهن جا نوجوان، انهن جا ٻار رڳو انگن اکرن جي فهرست بڻجي رهن ٿا؟

موٽر وي ايم ـ 6 جو منصوبو اڄ جو ناهي، سالن کان هن منصوبي جا اعلان ٿيندا آيا آهن. ڪڏهن بجيٽ ۾ شامل ٿئي ٿو، ڪڏهن خبرن ۾ سرخين جو حصو بڻجي ٿو، پر عملي طور اڄ تائين اها موٽر وي رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي. اهو رستو جيڪو ملتان کي سکر سان ڳنڍڻ هو، جيڪو اتر ۽ ڏکڻ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اهم رابطو بڻجڻو هو، سو اڄ به انتظار جي قطار ۾ بيٺو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي پنجاب ۾ موٽر ويز جو ڄار وڇائجي ويو آهي، لاهور اسلام آباد روڊ، ملتان لاهور موٽر وي، پشاور موٽر وي—اهي سڀ تيزي سان مڪمل ٿيا، ۽ اڃا به نوان منصوبا تيار ٿي رهيا آهن. ڇا اها صورتحال ڪنهن سمجهه کان ٻاهر ناانصافي ناهي؟ ڇا سنڌ کي ڄاڻي واڻي روڊ نيٽ ورڪ کان پري رکيو پيو وڃي؟ يا وري اها بدانتظامي، بي ڌياني ۽ نااهلي آهي، جنهن سنڌ کي ترقيءَ جي دوڙ ۾ پٺتي اڇلائي ڇڏيو آهي؟

اڃا وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جڏهن عدالت انهن واقعن بابت رپورٽ گهري ٿي، ته لاڳاپيل آفيسر رپورٽون پيش ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿين ٿا. ڊي آءِ جي کان رپورٽون نه پهچڻ صرف هڪ آفيسر جي غفلت ناهي، بلڪه اهو پوري نظام جي بي حسيءَ جو عڪس آهي. ڇا انساني جان ڪنهن فائيل کان گهٽ اهميت رکي ٿي؟ يا وري اسان جو نظام ايترو بي حس ٿي چڪو آهي، جو هاڻي موت به ڪنهن کي لوڏي نٿو؟ نيب کي جاچ جو حڪم ڏيڻ يقينن هڪ اهم قدم آهي، ڇو ته اها ئي اميد آهي ته شايد هاڻي ڪا حقيقت سامهون اچي. ٽول ٽيڪس مان ايندڙ اربين رپين جي آمدني آخر وڃي ڪٿي ٿي؟ جيڪڏهن اهي پئسا روڊن جي مرمت ۽ تعمير تي خرچ نٿا ٿين، ته پوءِ اهي رپيا ڪهڙن جي کاتن ۾ وڃن ٿا؟ ڇا اهي ٺيڪيداري نظام، ڪرپشن ۽ ڪڪ بئڪن جي ور چڙهي وڃن ٿا، جتي ڪم ٿورو ۽ بل وڏو ٿيندو آهي؟

نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ جو ڪردار به سواليه نشان بڻيل آهي. هڪ ادارو جيڪو خاص قومي رستن جي تعمير ۽ سار سنڀال لاءِ ٺاهيو ويو آهي، اهو پاڻ عدالت اڳيان مايوس ۽ لاچار نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ادارا پنهنجي بنيادي ذميواري نڀائڻ کان قاصر ٿي وڃن، ته پوءِ انهن جو وجود رڳو کاتي جي تختي تائين محدود ڇو نه رهي؟ سو ايترو چوڻ ڪافي آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪو خاص رعايت نه گهرجي، رڳو برابري گهرجي. جيڪڏهن ٻيا صوبا ترقي جا حقدار آهن، ته سنڌ به آهي. جيڪڏهن ٻين هنڌن تي موٽر ويز ٺهي سگهن ٿيون، ته هتي ڇو نه؟ جيڪڏهن ٻين جا ٽيڪس انهن جي زمين تي خرچ ٿين ٿا، ته سنڌ جا به هتان ئي نظر اچڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.