اسلام آباد (ابصار عالم) ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال جي موجوده ماحول جو وڏو سبب آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) جي حوالي سان 27 هين آئيني ترميم جي تشريح ۽ مستقبل جي طريقيڪار تي جاري اختلاف آهن. اهو سمجهيو پيو وڃي ته جيڪا شئي اسان آئين ۾ وجهي ڇڏي آهي، اڳتي هلي اها مسئلو ته نه بڻجندي؟ ڇو ته عهديدار ايندا ويندا آهن، قوم جي بهترين مفاد ۾ ڇا هوندو، ان کي ڏسڻ گهرجي. ذريعن موجب، موجوده سيٽ اپ ۾، فيلڊ مارشل عاصم منير کي هڪ ئي وقت چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز بڻائڻ تي اتفاق آهي، جڏهن ته، انهن عهدن جي مستقبل جي طريقيڪار تي ٻه مختلف رايا آهن. ذريعن موجب، 27 هين ترميم تحت، وزيراعظم جي صلاح تي صدر آرمي چيف مقرر ڪندو جيڪو ان ئي وقت پاڻمرادو چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو، جنهن جي پگهار ۽ الائونس به ان ئي ريت طئي ٿيندا. ٻئي پاسي نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ لاءِ وزيراعظم آرمي چيف (جيڪو چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو) جي صلاح تي ڪمانڊر آف نيشنل اسٽريٽج ڪمانڊ مقرر ڪندو. پر سول ڌرين سميت ڪجهه حلقا چاهين ٿا ته آرمي چيف ۽ سي ڊي ايف کي مستقبل جي عهدن کي لازمي طور تي گڏ نه ڪيو وڃي، پر چونڊيل وزيراعظم کي اهو اختيار هجڻ گهرجي ته هو پنجن فوجن (آرمي، نيوي، ايئر فورس، راڪيٽ فورس، نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ) مان ڪنهن به 4 اسٽار آفيسر کي سي ڊي ايف مقرر ڪري. ان جي ابتڙ، هڪ ٻي راءِ اها آهي ته موجوده آئيني ڍانچي کي برقرار رکيو وڃي ۽ سي ڊي ايف جو عهدو هميشه آرمي چيف وٽ هجڻ گهرجي، ته جيئن ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم هڪجهڙو رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملي تي آخري فيصلو 28 هين آئيني ترميم ۾ ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن ۾ صوبن سان لاڳاپيل نقطا پڻ شامل آهن. مسلم ليگ (ن) چاهي ٿي ته نئين ترميم ۾ سي ڊي ايف جي مقرري ۾ وزيراعظم کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي، جڏهن ته ڪجهه ڌريون ان سان متفق نه آهن. پيپلز پارٽي جو واضح موقف اڃا تائين سامهون نه آيو آهي. اختلاف جي ڪري، ڪيترائي فيصلا، جن ۾ چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن شامل آهي، ان ۾ دير ٿي رهي آهي، ۽ اهو واضح ناهي ته اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو. خبر ناهي هائبرڊ نظام وڌيڪ ڪيترو وقت هلندو. 28هين ترميم ۾ نون صوبن جي حوالي سان پ پ جو موقف ته واضح آهي پر ن ليگ جو موقف واضح ناهي، شايد ن ليگ چاهي ٿي ته وڌيڪ صوبن وارو معاملو تڏهن ٿيڻ گهرجي جڏهن سي ڊي ايف واري معاملي ۾ به ترميم ٿئي. ان تي بحث هلي رهيو آهي پر حتمي فيصلو ناهي ٿيو. بحران جي حل لاءِ هڪ ڌر کي موقف تان پوئتي هٽڻو پوندو.