حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس (ڊي-ٽين پليجو هائوس) تي سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ٿي گذريو، جنهن ۾ عالمي صورتحال، سنڌ ۾ ٻارن جي تعليم، صحت ۽ سماجي مسئلن تي ويچار ونڊ ڪيا ويا. ڪنوينشن ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي نئين مرڪزي ڪميٽي جي چونڊ پڻ عمل ۾ آئي. نئين چونڊيل ڪميٽي ۾ سرمد خاصخيلي کي صدر، شعيب ڀٽو کي جنرل سيڪريٽري، توڪل علي کوسو کي سينئر نائب صدر ۽ ٻين کي مختلف عهدن تي چونڊيو ويو. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صوبي ۾ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ لکين ٻارڙا جبري پورهيو ڪري رهيا آهن. اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي ۽ چوديواري جهڙيون بنيادي سهولتون ناهن. پيپلز پارٽي جي حڪمراني ۾ تعليم تباهه ٿي چڪي آهي ۽ نياڻين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جهڙيون غليظ رسمون برقرار آهن. ڪنوينشن ۾ پاس ڪيل ٺهرائن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ايران ۾ ٻارن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي، سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڪارڪردگي جو احتساب ڪيو وڃي، سنڌ دشمن اسڪيمن (بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي) کي بند ڪيو وڃي ۽ اسڪولن ۾ جديد سائنسي نصاب نافذ ڪيو وڃي.