خيرپور (عوامي آواز رپورٽ) سول اسپتال خيرپور ۾ گذريل رات دير سان مريض جي چيڪ اپ دوران مبينا لاپرواهي جي معاملي تي ڊاڪٽرن ۽ مريض جي وارثن ۽ سماجي اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. واقعي خلاف ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو / ۽ ڌرڻو هنيو. ڊاڪٽر افضل سولنگي، ڊاڪٽر حسيب ميمڻ، ڊاڪٽر عرفان ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيل هن احتجاج دوران ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو بغير خوف جي فرض سرانجام ڏئي سگهن. ٻئي طرف، او پي ڊي بند هجڻ ڪري خيرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان علاج لاءِ آيل مريضن ۽ سندن وارثن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. مريضن جي وارثن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن طبي عملي طرفان لاپرواهي ٿئي ٿي ته ان جي نشاندهي تي ردعمل ڏيڻ بدران ڊاڪٽرن کي پنهنجو رويو بهتر ڪرڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ شهناز شيخ واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسپتال ۾ سهولتن ۽ دوائن جي اڳ ۾ ئي کوٽ آهي، مريضن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ رويا افسوسناڪ آهن. هن مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميا مسئلن کي حل ڪري ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين.