خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ مسمات خالدا عرف روبينا چانڊيو جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ قائم ضلعي انساني حقن واري ڪميٽي پنهنجو فيڪٽ فائنڊنگ مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. ذوالفقار علي شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي 18 اپريل تي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ پوليس اختيارين سان گڏ متاثر خاندان سان ملاقات ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته هي واقعو غيرت جي نالي تي تشدد جو ڪيس آهي، جنهن ۾ پوليس جي وقت سر ڪارروائي ۽ اداري ردعمل ۾ ڪمزوريون سامهون آيون آهن. رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري، شفاف جاچ ۽ متاثر خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي عزم ظاهر ڪيو آهي ته هو هن ڪيس جي اڳڀرائي جي نگراني جاري رکندي.