عطا تارڙ پاران صحافي ابصار عالم جي رپورٽ بي بنياد قرار

اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ ٽوئيٽ ڪيوآهي ته ابصار عالم مڪمل طور بي بنياد ۽ من گھڙت خبر ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم سان ڪنهن به ڳالهه جو منسوب ڪرڻ کان اڳ، ان جي تصديق ڪرڻ جي زحمت ڪري وٺي ها،هن چيو ته  ايتري سينيئر صحافي کي ان قسم جا افواهون ڦهلائڻ سونهين نٿو،جنهن تي ابصار عالم لکيو ته ڪاش توهان وي لاگ ٻڌو هجي ها ته خبر پوي ها ته وزيراعظم جو نه، پر وزيراعظم جي اختيارن جو ذڪر آهي.منهنجي ساک تي آڱر کڻي اهڙي ٽوئيٽ ڪرڻ توهان کي به نٿو سونهين،توهان کي به اها ٽوئيٽ ڪرڻ کان اڳ مون سان ڳالھه ڪرڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.