ڪراچي ۾ شهري قتل، مڇريل ماڻهن ڦورو کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون علائقي ۾ ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو. مڇريل ماڻهن شهري کي قتل ڪندڙ ڦورو کي پڪڙيو، ان کي پول سان ٻڌي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اورنگي ٽائون پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او کي لاپرواهي جي ڪري معطل ڪيو ويو. مقتول جي سڃاڻپ 35 سالن جي عبدالحنان پٽ محمد عباس جي نالي سان ٿي. باهه لڳڻ کان پوءِ ڦورو پاڻ کي کولڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ۽ ان دوران ڦورو پنهنجي قميص لاهي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس موقعي تي پهچي، مٽي وجهي ڦورو کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته زخمي ڦورو اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي ويو. مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ايس ايڇ او اورنگي ٽائون يوسف مهر کي وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.