اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته 27 هين ترميم ۾ ڪيل غلطيون واپس وٺي آئين کي درست ڪيو وڃي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اظهار خيال ڪندي مولانا فضل الرحمٰن چيو ته پارليامينٽ اهڙو فورم آهي جتي اسين مشاورت سان معاملا طئي ڪندا آهيون، ڪوشش ڪجي ته آئين تڪراري نه ٿئي، پر 27 هين ترميم ۾ اهڙو نه ٿي سگهيو. هن چيو ته 27 هين ترميم تڪراري ٿي ويندي ۽ ان کي آئين جي ٽائيٽل تي زخم سمجهڻ گهرجي، 1973 ۾ ڀٽو ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت باوجود ڳالهيون ڪيون. مولانا فضل الرحمٰن جو چوڻ هو ته قانون سازي 26 هين ترميم ۾ پڻ ٿي هئي، اسين وياج سان لاڳاپيل تجويزون پيش ڪيون جڏهن 26 هين ترميم آئي ته پي ٽي آءِ جا دوست رابطي ۾ رهيا، ان تي پڻ هڪ مهيني ۾ اتفاق راءِ حاصل ڪيو ويو.هن چيو ته 26 هين ترميم جي ابتڙ27 هين ترميم لاءِ جمهوري گهرجون پوريون نه ٿي سگهيون.