چڪ ۾ هلندڙ شر_بڊاڻي تڪرار جو نبيرو، 17 خون ثابت، پوڻا پنج ڪروڙ ڏنڊ

شڪارپور/ لکي غلام شاهه (رپورٽ زاھد سنجراڻي+رپورٽ:نديم جان مهر) چڪ لڳ هلندڙ شر_بڊاڻي خوني تڪرار جو نبيرو شڪارپور ۾ ٿيو . مجموعي طور ڌرين مٿان پنج ڪروڙ 76 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. جتوئي هائوس شڪارپور مان جي يو آءِ اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، اڳوڻي ايم پي اي عابد حسين جتوئي، سيد شمن علي شاھ ڀٽائي جي  سرپنچي ۾  چڪ لڳ هلندڙ شر بڊاڻي خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو، ڌرين جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد ڌرين جا هڪٻئي مٿان 17 خون ثابت ٿيا جڏهن ته 14 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو مجموعي طور پنج ڪروڙ 76 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. شر برادري جي 10 خونن 7 زخمين ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ جا بڊاڻي ڌر مٿان ٽي ڪروڙ 46 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته بڊاڻي ڌر جي 7 خونن ۽ 7 زخمين جا شر بڊاڻي مٿان 2 ڪروڙ 29 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته بڊاڻي ڌر جي هڪ ڄڻي جو خون ثابت نٿي سگهيو جنهن جي شر برادري کان ساک ورتي وئي. ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي. ڏنڊ واري رقم ٽن قسطن اندر ادا ڪئي ويندي..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.