اسلام آباد جو معرڪو: سوڀ ڪنهن جي ٿيندي

تحرير: وفا گولو

پي ٽي آءِ گذريل ڏيڍ مهيني کان احتجاجي جلسا ڪري رهي آهي پر پاڪستان تحريڪِ انصاف  آئيني ترميمي بل خلاف ڪالهھ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو.

ان ئي سلسلي سان ڪالهھ کان هو ملڪ جي راڄڌاڻي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت پاران پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ جون ڪوششون جاري آهن جنهن ڪري ڪالهھ وفاقي راڄڌاني ۾ سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ رهي احتجاج ڪندڙن مٿان ڳوڙها ڳاڙيندڙ گئس پڻ اڇلايو ويو هو پر احتجاج ڪندڙ پر عزم نظر آيا احتجاج دوران عمران جي ڀيڻ عليمه ۽ عظميٰ سوڌو 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. ڪالھه کان  اسلام آباد جا ايندڙ ويندڙ رستا سيل آهن، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي آهي، احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ وزيراعليٰ ڪي پي ڪي علي امين گنڊاپور کي برهان انٽر چينج وٽ روڪيو ويو هو، جتي پڻ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾  چڪريون ٿيون هيون.

انهي سموري احتجاج بعد باني پي ٽي آءِ پاران اڄ عدليه جي آزادي لاءِ لاهور مينار پاڪستان تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. عمران خان ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي هر صورت پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن بعد ڪارڪن ڊي چوڪ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا، ڊي چوڪ ۽ فيض آباد سوڌو اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، پٿراءُ سبب ايس پي سوڌو 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن اسلام آباد جي ڊي چوڪ تان پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان ۽ عظميٰ خان سوڌو 30 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن عليمه خان ۽ عظميٰ خان وومين ٿاڻي تي رکيو ويو آهي جناح اوينيو چائنا چوڪ ۽ ڊي چوڪ وٽ پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي، سوهان ڀرسان ايڪسپريس وي تي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون آهن

چيڪ پوسٽ نمبر 26، موٽر وي ايم ون تي به چڪريون جاري رهيون.اسلام آباد ۾ سڄو ڏينهن توڙي رات دير تائين ڇڪتاڻ وارو ماحول هو. آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته جتي شر انگيزي يا ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿيندي، اُتي ڪارروائي ڪئي ويندي

پوليس سڀ ڪجهه قانون ۽ ضابطن ۾ رهندي ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي احتجاج جي موقعي تي جاڙن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، ٻنهي شهرن کي ملائيندڙ رستا بند ڪيا ويا، فيض آباد پُل تي ڊبل ليئر ڪنٽينر رکيا ويا اسلام آباد ايڪسپريس وي مختلف هنڌن تي سيل ڪيو ويو، ميٽرو بس سروس به اڻڄاتل مُدي تائين معطل رهي، موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو هئي.پر عمران خان ڪالهه ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو هو ته پرامن احتجاج لاءِ ڊي چوڪ پهچو لاهور واسي 5 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان تي احتجاج جي تيار ڪن، هن چيو ته هي جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ آهي، اسان پنهنجي حقيقي آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، اقتدار تي قابض قوتون اسان کان ڊنل آهن، ڪالهھ کان حڪومت پنج  آڪٽوبر کان سترهين آڪٽوبر سائين اسلام آباد کي فوج حوالي ڪيو آهي جنهن بعد به احتجاج جاري رهيو.

شنگهائي سهڪار تنظيم ( ايس سي او ) جي سربراهي اجلاس لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ فوج جي مقرريءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي فوج آرٽيڪل 245 تحت ايس سي او سمٽ دوران سيڪيورٽي جون ذميواري سنڀاليندي ۽ فوج ايس سي او سربراهي اجلاس دوران اسلام آباد ۾ 17 آڪٽوبر تائين مقرر رهندي.

اسلام آباد جي اهڙي صورتحال ڏسي حالتون معمول تي نظر ايندي نه پيون اچن پي ٽي آءِ جي احتجاجي سڏ بعد احتجاج ٿيو به آهي ڇا هاڻي حڪومت احتجاج بعد آئيني ترميمي بل واپس وٺندي جيڪو ممڪن نظر نه پيو اچي اڄ وري پي ٽي آءِ لاهور ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي هاڻي ڏسجي ته احتجاج سان حڪومت پنهنجا گوڏا کوڙي ٿي يا پي ٽي آءِ جو احتجاج غير موثر ٿي ختم ٿيڻ وارو آهي.

پي ٽي آءِ جو هي ڪو پهريون ڀيرو احتجاج نه ڪري رهي آهي هو مختلف مطالبن لاءِ وقتن بوقتن احتجاج ڪندي رهي ٿي ڇا احتجاج ئي مسئلن جو حل آهن يا پي ٽي آءِ حڪومت سان سياسي طور ڳالهيون ڪري يا قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪري آواز بلند ڪري سگهي ٿي پر هي روڊن تي اچي معاملا حل ڪرائڻ جو انداز درست نه آهي جنهن سان عوام کي وڌ ۾ وڌ پريشاني ٿي ٿئي انڪري پي ٽي آءِ کي هاڻي ڪجهھ سوچڻ گهرجي ته ملڪ اهڙين حالتن سبب ڪمزور ٿي رهيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.