احتجاجن جي موسم ۽ ڳالهين کان پري ٿيندڙ سياست

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

ملڪ جي سياسي فضا کي ڏسجي ته لڳي ٿو ڄڻ سموري رياست هڪ اهڙي چوراهي تي بيٺي آهي، جتي هر رستو احتجاج ڏانهن وڃي ٿو. ڪنهن جي هٿ ۾ پيٽرول جي اگهن خلاف نعرو آهي، ڪنهن وٽ معاشي پريشاني جو فرياد، ته ڪنهن وٽ سياسي حقن ۽ قيادت جي آزادي جو مطالبو. اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستا رڳو گاڏين جي آمدرفت جا رستا نه رهيا آهن، اهي هاڻي ملڪ جي سياسي بيچيني، معاشي پريشاني ۽ حڪومتي بي اعتمادي جا نشان بڻجي ويا آهن. جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي، جڏهن ته  پارٽي ذريعن موجب تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر واري احتجاج کي في الحال 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي احتجاج جو معاملو باقي احتجاجن کان ان ڪري مختلف آهي، جو هتي ڳالهه رڳو ڪنهن ٽيڪس يا اگهه جي ناهي. عمران خان جي آزادي، پارٽي جي سياسي حيثيت، احتجاج جي حق، گرفتارين ۽ حڪومت جي اختيارن جا سوال هڪ ٻئي ۾ اهڙيءَ طرح ڳنڍجي ويا آهن، جو ڪنهن هڪ نُڪتي کي الڳ ڪري ڏسڻ ممڪن نٿو رهي. پارٽي لاءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ سياسي اظهار جو ذريعو آهي، جڏهن ته حڪومت لاءِ اهو امن امان ۽ انتظامي ڪنٽرول جو سوال بڻجي ويو آهي. پر سياست جو الميو اهو آهي ته جڏهن ٻنهي ڌرين وٽ پنهنجا پنهنجا دليل هجن، تڏهن وچ ۾ موجود حقيقت اڪثر شور ۾ گم ٿي ويندي آهي. هڪ ڌر سمجهي ٿي ته ماڻهن جو وڏو انگ حڪومت تي دٻاءُ وڌائيندو، ٻي ڌر سمجهي ٿي ته سخت انتظامن سان احتجاج کي محدود ڪري سگهجي ٿو. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هڪ ڌر روڊن تي ۽ ٻي رڪاوٽن جي پويان بيهي رهي ته سياسي مسئلو آخر حل ڪٿي ٿيندو؟

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ احتجاج، ڌرڻا ۽ لانگ مارچ نوان نه آهن. پر تاريخ جو هڪ تلخ سبق اهو به آهي ته روڊن تي پيدا ٿيندڙ دٻاءُ جڏهن ڳالهين جي ميز تائين نٿو پهچي ته سياسي بحران ختم ٿيڻ بدران پنهنجو نئون روپ اختيار ڪندو رهي ٿو. حڪومتون تبديل ٿين ٿيون، نعرا بدلجن ٿا، احتجاج ڪندڙ ڌريون بدلجن ٿيون، پر سياسي بي اعتمادي جو بنيادي ڍانچو ساڳيو رهي ٿو. جماعت اسلامي جي پيٽروليم ليوي بابت احتجاج ۾ حڪومت لاءِ ڳالهين جو رستو نسبتاً کليل آهي. پيٽروليم ليوي گهٽائڻ سان عوام کي رليف ملي سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت حڪومت جي مالي ضرورتن ۽ آمدني جي کوٽ جو سوال به موجود آهي. جيڪڏهن هر مالي سوراخ قرض سان ڀريو ويندو ته اڄ جو رليف سڀاڻي جي قرض ۽ وياج ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري ٻارڻ جي قيمتن تي سياسي نعرا ڪافي ناهن؛ ملڪ کي اهڙي معاشي بحث جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ٽيڪس چوري، اشرافيه کي حاصل رعايتن، ٽيڪس بنياد وڌائڻ ۽ سرڪاري خرچن تي به سوال اٿاريا وڃن. پر سڀ کان ڏکيو سوال سياسي تڪرار جو آهي، ڇاڪاڻ ته سياسي اختلاف کي انتظامي حڪم سان ختم نٿو ڪري سگهجي. گرفتاريون، رستا بند ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪنهن احتجاج جي رفتار کي محدود ڪري سگهن ٿا، پر ڪنهن سياسي سوچ کي ختم ڪرڻ جي ضمانت نٿا ڏين. ساڳيءَ طرح احتجاج حڪومت کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو، پر ان سان پاڻمرادو سياسي حل پيدا نٿو ٿئي. هتي رياست ۽ سياسي جماعتن ٻنهي لاءِ هڪ بنيادي سوال موجود آهي: ڇا اختلاف کي برداشت ڪرڻ جي سياسي صلاحيت باقي رهي آهي؟

جمهوريت جو امتحان ان وقت نٿو ٿئي، جڏهن سڀ ڌريون هڪ ڳالهه تي متفق هجن. اصل امتحان ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن مخالف هڪ ٻئي جي موقف کي قبول نه ڪندا هجن، پر ان باوجود ڳالهين جي ميز نه ڇڏين. جيڪڏهن حڪومت مخالف آواز کي رڳو خطرو سمجهڻ شروع ڪري ۽ مخالف ڌر حڪومت جي هر قدم کي رڳو سازش سمجهي ته سياست دليل کان شڪ ۽ ڳالهين کان ٽڪراءَ ڏانهن هلي وڃي ٿي. بدقسمتيءَ سان اسان جي سياست ۾ مخالف کي شڪست ڏيڻ کي گهڻو ڪري مخالف کي ختم ڪرڻ سان ڳنڍيو ويو آهي. اقتدار ۾ ايندڙ ڌر چاهي ٿي ته مخالف ڪمزور رهي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته حڪومت هر صورت ۾ ناڪام ثابت ٿئي. نتيجي ۾ پارليامينٽ، سياسي ڳالهين ۽ ادارتي مفاهمت جي جاءِ آهستي آهستي روڊن جي سياست وٺندي وڃي ٿي. پوءِ هر اختلاف لاءِ احتجاج، هر احتجاج لاءِ رڪاوٽ ۽ هر رڪاوٽ لاءِ نئون احتجاج جنم وٺي ٿو.

هن صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ان ماڻهوءَ جو ٿئي ٿو، جيڪو نه اقتدار جي ايوان ۾ آهي ۽ نه احتجاج جي قيادت ۾. رستا بند ٿين ٿا ته مزدور دير سان ڪم تي پهچي ٿو، دڪاندار جو ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو، مريض اسپتال تائين پهچڻ ۾ پريشان ٿئي ٿو ۽ شاگرد جي تعليم متاثر ٿئي ٿي. سياسي ٽڪراءَ جا نعرا وڏا هوندا آهن، پر ان جو معاشي ۽ سماجي بار اڪثر انهن خاموش ماڻهن کي کڻڻو پوي ٿو، جيڪي سياسي طاقت جي هن مقابلي جو حصو ئي ناهن. اسان جي سياسي بحران جو هڪ پاسو اهو به آهي ته عوام جي حقيقي مسئلن کي سياسي طاقت جي مقابلي ۾ جذب ڪيو وڃي ٿو. پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته اهو سياسي نعرو بڻجي وڃي ٿو، سياسي اختلاف وڌي ٿو ته اهو رستن تي طاقت آزمائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. نتيجي ۾ اصل سوال، يعني پاليسي ڇو ناڪام ٿي، معيشت ڇو دٻاءَ ۾ آهي ۽ سياسي ادارا اختلاف حل ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام آهن، پوئتي رهجي وڃن ٿا.

27 سيپٽمبر وارو احتجاج ملتوي ڪرائڻ لاءِ اندروني طور تي جيڪي رابطا هلي رهيا آهن تن جو ممڪن آهي ته اهو نتيجو هجي ڪن تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ جي امڪاني خطري يا دٻاءُ  سبب اهو احتجاج ملتوي ڪيو ويو آهي ممڪن آهي ڳالهين سان صورتحال ۾ وڌيڪ نرمي اچي، اصل بحران ان سياسي سوچ جو آهي، جنهن ۾ اقتدار ۽ اختلاف هڪ ئي وقت گڏ رهڻ لاءِ تيار ناهن. جيستائين سياسي جماعتون مخالف کي دشمن بدران سياسي حريف سمجهڻ، حڪومتون احتجاج کي رڳو انتظامي مسئلو بدران سياسي اظهار سمجهڻ ۽ مخالف ڌريون به پنهنجي طاقت کي ڳالهين جي ميز تائين آڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ نه سکنديون، تيستائين احتجاجن جو هي سلسلو ختم ٿيڻ ڏکيو آهي. قومون رڳو روڊن تي نعرن سان اڳتي نٿيون وڌن ۽ نه ئي رڪاوٽن سان سياسي بحران ختم ٿيندا آهن. ملڪ ادارن، پاليسين، قانون ۽ ڳالهين سان هلندا آهن. احتجاج جمهوري آواز ٿي سگهي ٿو، پر دائمي حل نٿو بڻجي سگهي

You might also like