بلوچستان جو اهو ناياب ايس ايڇ او ڪٿي آهي، جنهن جي رڳو هڪ لٺ سان بلوچستان جا سمورا مسئلا حل ٿي وڃڻا هئا؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هينئر تائين اهو باڪمال ايس ايڇ او هٿ اچي نه سگهيو آهي. ان دوران اتي اهڙي ڪهڙي تباهي آهي، جيڪا نه ٿي رهي هجي؟ هاڻي ته خبرون پڙهي پڙهي ٿڪجي پيا آهيون ته ڦلاڻي چوڪي تي حملو ٿي ويو، ڦلاڻي شاهراهه بند ڪئي وئي، فلاڻي آفيسر کي اغوا ڪيو ويو. بلوچستان بابت ڇا ڇا نه چيو ويو هو ته اهو اسان جي ماتهي جو جهومر آهي، پر هي اهڙو جهومر بڻجي ويو آهي، جيڪو الٽو لڙڪيل نظر اچي ٿو. حالتون اهڙيون آهن، جيڪي قابو ۾ اچڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. ۽ سبب رڳو اهو آهي ته اهو ايس ايڇ او، جنهن کي جادو جي لٺ گهمائي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو هو، ڳوليندي به ڪٿي نٿو ملي.
اسان جي رڳو ايتري گذارش آهي ته سائين! في الحال ٻيا سمورا ڪم ڇڏي ڏيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جا دورا به ملتوي ڪريو، جيستائين اهو ايس ايڇ او هٿ نه اچي. ان حوالي سان جنرل مشرف به ياد اچي ٿو. نواب اڪبر خان بگٽي سان اختلافن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ جڏهن نواب صاحب اُٺ تي سوار ٿي جبلن ڏانهن رخ ڪيو ته جنرل مشرف هڪ تاريخي جملو چيو هو ته کيس خبر ئي نه پوندي ته کيس ڪهڙي شيءِ اچي لڳي. جڏهن هڪ غار ۾ پناهه ورتل نواب بگٽي تي هوائي حملو ڪيو ويو ته يقيناً کين خبر نه پئي هوندي ته کين ڪهڙي شيءِ اچي لڳي. پر ان واقعي کان پوءِ بلوچستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اها ويهن سالن کان پوءِ اڄ ان موڙ تي پهچي چڪي آهي، جتي سڄي قوم کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر بلوچستان کي ڪهڙي نظر لڳي وئي آهي.
ايس ايڇ او واري وڏائيءَ ڀري ڳالهه ۽ ”هٽ“ ڪرڻ واري ڌمڪي، هڪ ئي انداز جون ٻه ڪڙيون آهن. فرق رڳو ايترو آهي ته انهن ٻنهي واقعن وچ ۾ ويهه، پنجويهه سالن جو فاصلو آهي. يعني سرڪاري رويو جيڪو ان وقت هو، اڄ به گهڻو تبديل نه ٿيو آهي. سوال اهو آهي ته بلوچستان جي معاملي ۾ ماڻهو ته ايندا ويندا رهن ٿا، پر سوچ ساڳي پراڻي ڇو آهي؟ ڄڻ ته رڳو ٿوري گهڻي طاقت جي استعمال جي ضرورت آهي ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
اڄڪلهه ”ڪائنيٽڪ“ لفظ به پسنديده بڻيل آهي. حملن جي صورتحال اها آهي جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪيترائي ضلعي مرڪز اهڙا آهن، جتي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ٽولا حملو ڪري وڃن ٿا ۽ پوءِ انتهائي اطمينان سان واپس به هليا وڃن ٿا. ۽ اسان آهيون، جيڪي اڃا تائين ”ڪائنيٽڪ ايڪشن“ جو راڳ آلاپيندا پيا وڃون.
اسان جي ڳالهه ڪير ٻڌندو، پر جان جي امان وٺي هڪ گذارش ضرور ڪري سگهجي ٿي. حملن کان پوءِ جيڪي سرڪاري پڌرناما جاري ٿين ٿا، انهن ۾ دشمن جو نالو ايترو گهڻو نه ورجايو وڃي. ڪيترائي پڌرناما اهڙا هوندا آهن، جن جي هر ٻي يا ٽين سٽ ۾ دشمن جو ذڪر موجود هوندو آهي. ايتري سمجهه ته هئڻ گهرجي ته اهڙي طريقي سان دشمن کي وڏو ۽ پاڻ کي ننڍو ڏيکارڻ جو تاثر پيدا ٿئي ٿو.
فتنه الخوارج هجي يا فتنه الهندستان، انهن جي پويان يقيناً ڀارت جو هٿ هجڻ بابت سرڪاري موقف پيش ڪيو ويندو آهي، پر بار بار ان جو ذڪر ڪرڻ سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته ڀارت جي پهچ آخر ڪيتري ڊگهي آهي، جو اتي ويٺي هو جبلن جي پار ۽ سمنڊ جي هن پاسي اچي اسان جي اصل ۽ پراڻي دشمن بلوچستان جي سنگلاخ جبلن ۾ ايتري وڏي افراتفري پيدا ڪري سگهي ٿو. پنهنجو موقف ضرور بيان ڪيو وڃي ۽ بهترين انداز ۾ ڪيو وڃي، پر ڀارت کي ايترو وڌائي چڙهائي پيش نه ڪيو وڃي، جو ماڻهن ۾ احساسِ ڪمتري پيدا ٿيڻ لڳي. هي ڪا پاليسي يا حڪمت عمليءَ جو سوال ناهي، رڳو لکڻي ۽ اندازِ بيان جو مسئلو آهي. جيڪڏهن اسلوب ڪجهه بهتر بڻايو وڃي ته ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟
خيبر پختونخوا جو مسئلو به انتهائي سنگين بڻيل آهي. جيڪي ماڻهو اتي جي صورتحال بابت ڄاڻ رکن ٿا، اهي جيڪي ڪجهه ٻڌائين ٿا، اهو هتي لکڻ ممڪن ناهي. اعتراض ٿيندو، تنهنڪري تفصيل ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي. پر جڏهن چيڪ پوسٽن تي حملا ٿين، قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين، ڪلاڪن تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهي، ته پوءِ اها خبر لڪائي به نٿي سگهجي.
هڪ ڏينهن ڪوهاٽ-هنگو روڊ تي قائم پوليس لائينز تي خونريز حملو ٿئي ۽ ٻئي ڏينهن ڪوهاٽ-ٽل روڊ تي فوجي قافلي کي نشانو بڻايو وڃي، جنهن ۾ ڪافي جاني نقصان ٿئي، ته پوءِ ڳڻتي ٿيڻ فطري آهي ته آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ انٽرنيٽ تي اهڙيون ڪيتريون ئي وڊيوز موجود آهن، جن ۾ ٽي ٽي پي جا هٿياربند ماڻهو اڳوڻن قبائلي علائقن جي ڪنهن بازار ۾ گهمندي ۽ اعلان ڪندي نظر اچن ٿا. مسئلو اهو آهي ته پنجاب ۾ ويهي اسان ان افراتفري ۽ بدامني جي اصل شدت کي محسوس نٿا ڪري سگهون. هتي زندگي گهڻي ڀاڱي معمول موجب هلي رهي آهي. ڌماڪن ۽ حملن جون خبرون ماڻهو ڏسن ۽ پڙهن ٿا. ٽي وي تي به سرخيون اچن ٿيون، پر جڏهن بدامني پري هجي ته ان جي حقيقي شدت جو اندازو نٿو ٿئي. البت جڏهن ڪنهن ڳوٺ يا پاڙي مان شهادت جي خبر اچي ٿي ته ڪجهه گهرو احساس پيدا ٿئي ٿو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي.
چڪوال جي صورتحال ڪجهه مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته فوج سان ويجهي وابستگي سبب شايد ئي ڪو اهڙو قبرستان هجي، جتي شهيدن جون قبرون نه هجن. ۽ هتي 1965ع ۽ 1971ع جي شهيدن جي ڳالهه نه پئي ڪجي، پر موجوده دور جي ڳالهه ٿي رهي آهي. مجموعي طور پنجاب ۾ رويو اهو آهي ته ڀلي بدامني پري هجي، پر ”اڃا دهلي پري آهي“. جڏهن افغانستان ۾ جنگ جاري هئي ته آمريڪي صدر بگرام ايئربيس تي پنهنجي فوجين سان ملڻ لاءِ اچي ويندو هو. اڄ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ روزاني بنياد تي ماڻهو مارجي رهيا آهن. ڳڻي ٻڌايو وڃي ته صدر يا وزيراعظم ڪيترا ڀيرا انهن علائقن جو دورو ڪيو آهي؟
هر روز ڏسنداسين ته ڪو نه ڪو ٻاهرين ملڪ جي دوري تي روانو ٿي رهيو هوندو. صوبائي حڪمران هجن ته سرڪاري جهاز کڻي ذاتي دورن تي نڪري ويندا آهن. ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پوءِ اهو طعنو به ٻڌڻو پوي ٿو ته ٻاهرين دهشتگرديءَ کان وڌيڪ صوبائي دهشتگرديءَ جو خطرو آهي. هر موقعي تي ڳالهائڻ ضروري ناهي، پر جيڪڏهن ڳالهائڻو ئي آهي ته ڪجهه سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي. پنجاب ۾ حڪمرانيءَ جو انداز اهڙو آهي، جنهن مان بلڪل به محسوس نٿو ٿئي ته ملڪ جنگي صورتحال مان گذري رهيو آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ هتي ڪو ميلو لڳل هجي. ٻيون ڳالهيون ڇڏي ڏيون، پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ايران وارو معاملو جلدي ختم ٿيڻ وارو ناهي. باخبر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته دل جي تسڪين لاءِ آمريڪا وري ڪو نئون قدم کڻي سگهي ٿو. هن وقت صدر ٽرمپ جي مٿي تي مڊٽرم چونڊن جو بار آهي، پر جيئن ئي اهي چونڊون ختم ٿينديون، تيئن ٻيهر حملن جو منظر سامهون اچي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ڳالهه ڪٿي وڃي پهچندي، ان جو صحيح اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي. اڄ کان هڪ مهينو اڳ ڪنهن سوچيو هو ته حوثين وارو معاملو ايترو وڌي ويندو؟ ڪنهن سوچيو هو ته سعودي عرب جي تيل جي تنصيبات تي حملا ٿيندا ۽ رياض ايئرپورٽ حوثي ميزائلن جي نشاني تي اچي ويندو؟ هينئر ته حوثين وارو معاملو وڌيڪ ڀڙڪي رهيو آهي ۽ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته اهو آخر ڪٿي وڃي بيهندو. امڪاني خطرن ۾ ڪويت جو نالو به اچي رهيو آهي، جڏهن ته بحرين جي استحڪام بابت به ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
اسان جي پنهنجي صورتحال اڳ ئي ڪافي نازڪ آهي. جيڪڏهن اتي حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ۽ تيل جي قيمتن ۾ هڪ ٻن وڌيڪ ڌڪن جو اضافو ٿيو ته اسان ڪيڏانهن وينداسين؟ ڪنهن کان مدد گهرنداسين؟ هاڻي ته سعودي عرب به فوجي ۽ معاشي، ٻنهي حوالن سان ڏکيائين ۾ آهي. سفارتڪاريءَ جي ميدان ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پر اتي جون حالتون اسان جي ڪنٽرول ۾ ته ناهن. حقيقت اها آهي ته هاڻي شايد ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ ناهن. ان ڪري وڌيڪ ضروري ٿي وڃي ٿو ته اندروني حالتن ڏانهن به سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي. ڪجهه ته ويهي سوچ ويچار ڪيو وڃي ته جيڪي محاذ هن وقت گرم آهن، انهن بابت ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي؟ اهڙي سوچ، سنجيده غور ۽ عملي ڪوشش آخر ڪٿي گم آهي؟