سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال هڪ ڀيرو وري اهڙي ڳڻتي مرحلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جتي شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، ڌاڙن ۽ ڦرن کان وٺي اغوائن، قبائلي تڪرارن ۽ ڏوهاري گروهن جي سرگرمين تائين، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ بابت سنجيده سوال اڀري رهيا آهن. روزانو ڏوهن جي واقعن جون خبرون اچڻ ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن جو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ معمولي ڳالهه قرار نٿي ڏئي سگهجي
سنڌ پوليس جي دستياب انگن اکرن ۾ اغوا ۽ ابڊڪشن جي ڪيسن بابت واڌ نظر اچي ٿي. هڪ سرڪاري شمارياتي رپورٽ ۾ موجود انگن موجب موجوده مهيني ۾ اغوا ۽ ابڊڪشن جا 561 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ اهو انگ 492 هو؛ يعني 69 ڪيسن جو اضافو ٿيو. صوبي جي مجموعي انگن ۾ پڻ 1713 مان وڌي 1787 ڪيسن تائين واڌ ڏيکاري وئي آهي. اهي انگ پاڻ ۾ هڪ اهم سوال پيدا ڪن ٿا ته اغوا ۽ ابڊڪشن جهڙي سنگين ڏوهه ۾ واڌ ڇو ٿي رهي آهي؟
يقيناً حڪومت ۽ پوليس طرفان ڪاررواين جون دعوائون پڻ سامهون اچي رهيون آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار 9 سيپٽمبر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ، اسٽريٽ ڪرائيم، ڦرن ۽ ڌاڙن کي روڪڻ لاءِ نتيجا ڏيندڙ حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ ۽ انٽيليجنس بنياد تي ٽارگيٽيڊ آپريشن جو دائرو وڌائڻ جون هدايتون ڏنيون. سوال اهو ناهي ته اهڙيون هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون يا نه؛ اصل سوال اهو آهي ته انهن هدايتن جا زميني نتيجا ڪهڙا نڪتا؟
اهو سوال ان ڪري به اهم آهي جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو تازو سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ چيو ته موبائل فون چوري کانسواءِ ٻين ڏوهن جي شعبن ۾ بهتري آئي آهي ۽ مجموعي امن امان قابو ۾ آهي. جيڪڏهن پوليس قيادت جو اهو تجزيو درست آهي ته پوءِ عوام جي سامهون موجود اغوا ۽ بدامني جي واقعن بابت تفصيلي وضاحت به اچڻ گهرجي. عوام کي صرف اهو ٻڌائڻ ڪافي ناهي ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي؛ عوام اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ڪهڙي ضلعي ۾ ڪهڙو ڏوهه وڌيو، ڪهڙا گروهه سرگرم آهن، ڪيترا جوابدار گرفتار ٿيا، ڪيترا مغوي بازياب ٿيا ۽ ڪيترا ڪيس پنهنجي منطقي انجام تائين پهتا.
سنڌ ۾ اغوا جو مسئلو خاص طور تي انتهائي حساس آهي. ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙ گروهن جي موجودگي وري هڪ وڏو مسئلو بڻجي رهي آهي، پر جيڪڏهن ان جو اثر هاڻي ٻين علائقن تائين محسوس ٿيڻ لڳي ته ان کي معمولي قانوني مسئلو سمجهڻ خطرناڪ هوندو. ڪنهن خاندان جو فرد اغوا ٿيڻ رڳو هڪ ايف آءِ آر جو اندراج ناهي؛ اهو پوري خاندان کي خوف، ذهني اذيت ۽ غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پوليس جي ذميواري صرف مغوي جي بازيابي تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر اغوا جي نيٽ ورڪ، سهولتڪارن، مالي ذريعن ۽ ڏوهاري رابطن تائين پهچڻ به ضروري آهي.
شهرن جي صورتحال به گهٽ ڳڻتي جوڳي ناهي. اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦرن جي واقعن سان عام ماڻهو جو روزمره زندگيءَ تي اعتماد متاثر ٿئي ٿو. گهرو وزير طرفان انٽيليجنس بنياد تي آپريشن وڌائڻ جون هدايتون ان لحاظ کان اهم آهن، پر نتيجا ماپڻ لاءِ واضح معيار مقرر ٿيڻ گهرجن. مثال طور، ڪيترا ڪيس داخل ٿيا، ڪيترا جوابدار گرفتار ٿيا، ڪيترا ڪيسن جا چالان پيش ٿيا ۽ ڪيترا جوابدار عدالتن مان سزا يافته ٿيا؟ جيستائين انهن سوالن جا جواب سامهون نه ايندا، تيستائين حڪومتي ڪاررواين جي جي ڪاميابي جو اندازو لڳائڻ ڏکيو رهندو.
سنڌ پوليس لاءِ هڪ ٻيو اهم مسئلو پوليس ۽ عوام وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ آهي. جڏهن شهري ڪنهن واقعي کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ، جاچ اڳتي وڌائڻ يا مغوي جي بازيابي بابت غير يقيني جو شڪار ٿين ٿا ته رياستي ادارن تي سندن اعتماد گهٽجي ٿو. پوليس اسٽيشنن کي شهرين لاءِ وڌيڪ جوابده، رسپانس سسٽم کي تيز ۽ سنگين ڏوهن جي جاچ کي پروفيشنل بڻائڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي گهرو وزير ۽ آءِ جي پوليس کي گڏجي عوام آڏو اچڻ گهرجي ۽ واضح ڪرڻ گهرجي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران وڌندڙ ڏوهن ۽ اغوا جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، انهن مان ڪهڙا نتيجا نڪتا ۽ ڪهڙن علائقن ۾ اڃا به مسئلو موجود آهي. جيڪڏهن پوليس چوي ٿي ته مجموعي صورتحال بهتر ٿي آهي ته ان دعويٰ کي ضلعي وار انگن اکرن سان ثابت ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي ته ان جا سبب به عوام کي ٻڌائڻ گهرجن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت وقت مقرر ڪري هڪ جامع امن امان پلان لاڳو ڪري، اغوا جي واقعن لاءِ خاص نگراني وارو نظام قائم ڪري، ڪچي ۽ شهري علائقن لاءِ الڳ حڪمت عمليون تيار ڪري، پوليس جي جاچ واري نظام کي مضبوط ڪري، پراسيڪيوشن سان رابطو بهتر بڻائي ۽ ضلعي سطح تي پوليس آفيسرن جي ڪارڪردگي کي نتيجن سان ڳنڍي. پارلياماني ڪميٽين کي به مسلسل نگراني ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳيا سوال ٻيهر نه اٿن.
سنڌ جو عوام اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهي ته جيڪڏهن ڏوهن خلاف ڪارروايون جاري آهن ته پوءِ وڌندڙ اغوا ۽ بدامني جا واقعا ڇو نظر اچي رهيا آهن؟ گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي هن سوال کان پاسو ڪرڻ بدران انگن اکرن، ڪاررواين ۽ نتيجن سان جواب ڏيڻ گهرجي. سنڌ کي اهڙي حڪمراني جي ضرورت آهي، جنهن ۾ امن امان بابت حڪومتي دعوائون سرڪاري پريس رليزن تائين محدود نه هجن، پر عام ماڻهو جي زندگيءَ ۾ محسوس ٿين.