پکين جهڙي معصوم دل رکندڙ امر پيرزادو

هن جون اکيون هن جي اندر جو آئينو آهن

هُو پنهنجي وڏڙن جي ورثي مان

کٽيو کائيندي هاڻ پاڻ اُسرڻ لڳو آهي

اڃا سندس وڻ ٿيڻ ۾  ڪجهه وٿيون رهيل آهن

نشانبر ٿيڻ لاءِ هو انتها درجي جي

جذباتيت کي ڇڏي جيڪر

ڌيمي ندي مثل هلڻ لڳي ته

پنهنجي اندر جو ادراڪ ماڻي

سگهي ٿو. هن جا ٻار

وڏا ٿي ويا آهن پر هو اڃا

ٻار آهي کيس پنهنجي ڀائرن، ڀيڻن

۽ دوستن جي لاڏ ڪوڏ جي هر وقت

گهرج رهي ٿي. هو شاعر آهي پکين جهڙي معصوم دل رکندڙ

شاعر هن جا غزل ۽ نظم پنهنجي

موضوعاتي حساسيت کي ڇهي

اهڙي اپٽار ڪن ٿا جن کي پڙهڻ۽ ٻڌڻ کان پوءِ گهڻي وقت

تائين معنائن جا تاڪيا کلندا رهن ٿا

سندن نانءُ امر پيرزادو آهي

۽ سندس تخليق به امرتا جي آڏاڻي تي اُڻيل

رنگين ۽ حسين آهي

هو فطرت جي حساناڪين کي پنهنجي

اندر ۾ اوتڻ جو هنر ڄاڻي ٿو ۽

پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن ۽ وارداتن

کي به پنهنجي شاعري آڌار رقم ڪندو

رهي ٿو. منهنجي سندس لاءِ دعا آهي

ته کيس شهرت جي وڻ ويڙهي نه ويڙهي

هو پنهنجي سڀاءُ ۾ جنهن

ڪيف ۽ قرار ۾ لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي

ٿو اهو سندس شخصيت جي مڌرتا سدا

قائم رهي. اڄ سندس سالگرهه آهي

ڀريل ڀاڪرن سان کيس جنم ڏينهن جو واڌايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.