انتشار جي شڪار صوبي ۾ لڳاتار دھشتگرد حملن سڄي ملڪ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.ويڙھاڪن نه رڳو سيڪيورٽي تنصيبات کي نشانو بڻايو پر مسافرن کي بسن مان لاهي ۽ سندن شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري قتل پڻ ڪيو. اهو دکندڙ بلوچستان جي تاريخ جو بدترين خوني ڏينهن هو، جنهن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.بلوچستان جي ڪالعدم عليحدگي پسند گروپن انھن حملن جي ذميواري قبولي ورتي آهي. هڪ طرف جتي انھن ُپرتشدد حملن عليحدگي پسندن پاران وڏي پيماني تي ڪارروايون جي صلاحيت جي نشاندھي ڪئي آھي ته ٻئي طرف خيبرپختونخواهه کان بلوچستان تائين پکڙيل سنگين سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ رياست جي ناڪامي تي به سوال اٿاريا آھن.خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان بئي اسٽريٽيجڪ اھم صوبا،ھن وقت رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ ويڙھاڪن پاران جنگ جو ميدان بڻجي ويا آهن، هڪ طرف خيبرپختونخواهه ۾ سڪيورٽي فورسز انهن گروهن سان وڙهي رهي آهي جيڪي طالبان جي اصولن کي لاڳو ڪرائڻ چاهين ٿا ته ٻئي طرف بلوچستان ۾ عليحدگي پسند گروپ پنهنجي پرتشدد ڪاررواين جو دائرو سڄي صوبي ۾ پکيڙي رهيا آهن. پرتشدد حملن جي تازي لهر صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ رياست جي ڪمزوري ۽ ناڪامي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. مارجي ويل سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جو انگ ظاهر ڪري ٿو ته صورتحال ڪيتري سنگين ٿي چڪي آهي.
واضح رهي ته بلوچ عليحدگي پسند دهشتگرد هاڻي ايترا منظم ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي ايتري حمايت حاصل آهي جو هو اهڙيون ڪامياب ڪارروايون ڪري رهيا آهن. ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته اهي سڀ حملا هڪ اهڙي علائقي ۾ ٿيا، جيڪو تمام ڊگهي عرصي کان سياسي عدم استحڪام جو مرڪز رهيو آهي.
ان کان اڳ ٻن ڏهاڪن کان وقت بوقت ھن صوبي ۾ گهٽ شدت وارا حملا ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻ مقامي آبادي ۾ وڌندڙ بي اعتمادي سبب اهو هڪ بغاوت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. تازيون ُپر تشدد ڪارروايون اھي وقت تي ڪيون ويون جڏھن ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪيل عوامي احتجاجن کي ڪجهه هفتا مس گذريا آھن.
اهي رڳو ٽارگيٽيڊ دھشتگردي وارا حملا نھ آهن پر شرپسندن جون سڪيورٽي فورسز سان جهڙپون به ٿيون آھن ۽ صوبي کي ملڪ جي ٻين صوبن سان ڳنڍيندڙ اهم شاهراهه کي به بلاڪ ڪيو ويو. اڻ تصديق ٿيل فوٽيجز ۾، اسان ڏٺو ته تربت جيڪو صوبي جو ٻيو وڏو شھر آھي ان جي گهٽين ۾ ھٿياربند گشت ڪري رهيا آهن، حڪومتي اھلڪارن کي بھ نشانو بڻايو ويو، متاثر علائقن ۾ صورتحال مڪمل طور تي هٿن مان نڪري وئي آهي جڏهن ته انتظاميه صورتحال کي سنڀالڻ ۾ مڪمل طور ناڪام آهي.
سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو واقعو بلوچستان کي پنجاب سان ڳنڍيندڙ مين هاءِ وي تي مسافرن کي بسن مان لاھي گوليون هڻي قتل ڪرڻ ھو. هي ان قسم جو پهريون واقعو نه آهي پر اهو هڪ انتهائي سنگين واقعو هو. شدت پسند وڏي تعداد ۾ غير مقامي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جن مان گهڻا پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا. اهڙن حملن عليحدگي پسندي کي هڪ خطرناڪ موڙ ڏنو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪا به رياست اهڙي پرتشدد حملن ۽ رياست جي رٽ کي چيلينج برداشت نه ڪندي. ان ۾ پڻ ڪو شڪ ناهي ته رياست وٽ حق آھي اھا ان قسم جي دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪري. پر ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته اسان صوبي ۾ موجود سياسي بي چيني جي سببن تي به غور ڪريون تھ آخر بغاوت ڇو وڌي رهي آهي. طاقت جي استعمال جي باوجود رياست صوبي ۾ وڌندڙ بغاوت کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهي آهي.حقيقت ۾ مقامي آباديءَ جي جمهوري ۽ معاشي حقن کان محروم ھئڻ واري سبب باغي سوچ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.
احتجاج کي دٻائڻ لاءِ طاقت جي استعمال ۽ گمشدگين جي وڌندڙ واقعن مقامي آبادي، خاص طور تي نوجوانن ۾ ڪاوڙ جي باھ کي ڀڙڪايو آهي، ۽ ايئن علحدگي پسند گروھن ۾ ڀرتي ٿيندڙ بغاوت ڪندڙ فردن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، تازو جيڪو ڪجھ ٿيو ان کي انهن سڀني پاسن کان الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي. انهن افسوسناڪ واقعن جي ذميواري به رياست تي عائد ٿئي ٿي جيڪا عوام جي جائز مطالبا ٻڌڻ ۾ پڻ ناڪام رھي آهي.
تازو دهشتگرد حملا بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير نواب اڪبر بگٽي جي ورسي جي موقعي تي ٿيا، جيڪو پڻ هڪ اهم ۽ بااثر قبائلي اڳواڻ هو. کيس 26 آگسٽ 2006ع تي فوجي آپريشن ۾ قتل ڪيو ويو. هن جي موت بلوچستان ۾ بغاوت جي ٽئين (۽ سڀ کان وڏي) لهر کي جنم ڏنو.
اڳين ٻن لهرن جي ابتڙ انهن باغي ڪاررواين جو مرڪز اھو خطو نھ آھي جيڪو قبائلي سردارن جي غلبي
وارو علائقو آهي. علحدگي پسند گروپن جا اڪثر اڳواڻ وچولي طبقي ۽ قبائلي اڳواڻن جي ابتڙ تعليم يافته پس منظر مان آهن. تازو ئي طارق کوسا بلوچستان بابت لکيو ته ڪيئن رياستي ظلمن بولان ميڊيڪل ڪاليج جي گولڊ ميڊلسٽ ڊاڪٽر الله نذر کي منحرف ڪيو.
بلوچ لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ الله نذر کي ڳجهن ادارن 2005ع ۾ اغوا ڪيو هو. سندس ڀاءُ کي غير قانوني تحويل ۾ قتل ڪيو ويو. ٻين باغي فردن جون ڪھاڻيون بهانھن کان ڪجھھ مختلف نه آهن. جبري گمشدگين جو نھ ختم ٿيندڙ سلسلو ۽ تشدد جو شڪار ٿيل لاشن متاثر ٿيندڙ خاندانن سان تعلق رکندڙ مان ڪيترن کي ويڙهاڪن ڏانهن وڃڻ جو ڏس ڏنو.ايتري تائين جو رياستي ظلمن خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن کي به غدار قرار ڏنو ويو.
اھو سيڪيورٽي معاملن کي سنڀالڻ جو ناقص انتظام ئي آهي جيڪو صوبي جي موجودھ ڇڪتاڻ واري جي پٺيان انتھائي ھم سبب آھي. مون کي ياد آهي مان ھڪ اھڙي ئي ميڊيا بريفنگ جو حصو ھوس،جيڪا جنوري 2017 ۾ ڪوئيٽا ۾ هڪ سينيئر سيڪيورٽي آفيسر پاران ڏنل وئي ھئي. ان بريفنگ ۾ هن ’سب نيشنلزم‘ (بلوچ قومپرستي) کي سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو.
هن جي مطابق سڪيورٽي ادارن جو سڀ کان اهم ڪم اهو آهي ته اهڙن ماڻهن کي پاڪستان لا مخلص، پاڪستان لاءِ قومپرست بڻائين. جڏهن مون سوال ڪيو ته بلوچ قومپرست هجڻ غلط ڇو آهي ۽ ان جو پاڪستاني نه هجڻ سان ڪهڙو تعلق آهي ته ان حوالي سان مون کي ڪو به جواب نه ڏنو ويو.
اهڙي قسم جي نوآبادياتي سوچ به هڪ اهم سبب آهي، جنهن سبب بلوچ قومپرست اڳواڻن مرڪزي ڌارا جي سياست ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. قومپرست اڳواڻن کي اقتدار کان ٻاهر رکڻ جون سموريون ڪوششون ڪيون ويون. جنهن طريقي سان سياسي جماعتون ٺاهيون ويون ۽ انھن کي صوبي ۾ اقتدار ڏنو ويو، ان جمهوري عمل سان ھن پاڻ تان جڳ کلايو. 8 فيبروري جون چونڊون شايد ان ڳالهه جو بدترين مثال آهن ته ڪيئن صوبي ۾ حڪومت ٺاھڻ جي لاءِ سموري نظام کي ابتو ڪيوويو.
پر تڪراري شهرت واري هن حڪومت کي عوام جي طاقت چيلينج ڪيو آهي ۽ اهو حال اسان گوادر ۽ تربت ۾ تازن ٿيل احتجاجن ۽ مارچن ۾ ڏٺو. اهي مظاهرا عليحدگي پسند يا دهشتگرد نه آهن پر ان جي باوجود رياست انهن کي پنهنجي ڪاررواين ذريعي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪو به ملڪ پنهنجي آبادي کي باغي ڪري دهشتگردي تي ضابطو نٿو رکي سگهي.
ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن علحدگي پسندن کي ٻاهرين عنصرن جي سرپرستي حاصل آهي، جنهن سبب اهي حملا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رھيا آهن. پر ٻاھريون قوتون بھ ان صورت ۾ فائو کڻن ٿيون جڏهن خطي جي صورتحال اڳ ۾ ئي افراتفري جو شڪار ھجي.
هڪ طرف جتي انھن ُپرتشدد حملن عليحدگي پسندن پاران وڏي پيماني تي ڪارروايون جي صلاحيت جي نشاندھي ڪئي آھي ته ٻئي طرف خيبرپختونخواهه کان بلوچستان تائين پکڙيل سنگين سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ رياست جي ناڪامي تي به سوال اٿاريا آھن.خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان بئي اسٽريٽيجڪ اھم صوبا،ھن وقت رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ ويڙھاڪن پاران جنگ جو ميدان بڻجي ويا آهن .