ممبئي (ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪار سونو سود وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ دوران اتي ڦاٿل مسافرن لاءِ مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي اداڪار سونو سود پنهنجي جاندار اداڪاري سان گڏ سماجي خدمتن جي ڪري پڻ مشهور آهي.
سونو روزانو ڀارت ۾ پريشانين ۾ وڪوڙيل ماڻهن جي پرگهور لهندو رهي ٿو، خاص طور تي هن ڪورونا وبا دوران ڪيئي ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ کين ڏکيائين مان ڪڍيو هو.
هاڻي هو وچ اوڀر ۾ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي سبب دبئي ۾ ڦاٿل مسافرن جي مدد لاءِ اڳتي آيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار خميس ڏينهن هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو موجوده بحران سبب دبئي ۾ ڦاسي پيا آهن، هو ساڻس مفت رهائش لاءِ رابطو ڪري سگهن ٿا.
اداڪار جو چوڻ هو ته جيڪي به ماڻهو موجودا بحران سبب دبئي ۾ ڦاٿل آهن، اسان چاهيون ٿا ته توهان کي ٻڌايون ته توهان جي رهائش لاءِ جاءِ موجود آهي ۽ اسان يقيني بڻائينداسين ته توهان کي مفت رهائش فراهم ڪئي وڃي.
پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جيڪي به اسان جا ڀارتي آهن، ڀلي ڪنهن به قوم يا ذات سان واسطو رکن ٿا يا دبئي ۾ ڦاسي پيا آهن، مون کي ڊي ايم ڪريو ۽ اسان اِهو پڻ يقيني بڻائينداسين ته توهان کي پنهنجي وطن واپسي تائين مفت رهائش ملي.
واضح رهي ته ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب فضائي رستا بند آهن جنهن وچ اوڀر مان اُڏامون متاثر ٿي رهيون آهن، هوائي حدود بند ٿيڻ ۽ رستن جي معطلي سبب ڪيترائي مسافر دبئي سميت ٻين شهرن ۾ ڦاٿل آهن.