قاهرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان 8 سالن کانپوءِ هاڪي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
مصر ۾ جاري ورلڊ ڪپ هاڪي ڪواليفائرز جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان جپان کي سخت مقابلي بعد 4-3 کان شڪست ڏئي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
گول ڪيپر علي رضا پنالٽي اسٽروڪ روڪي پاڪستان کي فتح ڏياري، ميچ جي پڄاڻي کان 4 منٽ اڳ جپان کي پنالٽي اسٽروڪ مليو، جيڪو علي رضا روڪي ورتو ۽ پاڪستان کي اهم سوڀ ڏياري.
پاڪستان طرفان سفيان خان، ابو محمد، محمد عماد ۽ هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو .
ورلڊ ڪپ هاڪي ڪواليفائر جي سيمي فائنل ۾ڪاميابي ماڻڻن سان گڏوگڏ پاڪستان 8 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
پاڪستان هاڪي ٽيم 2018 کانپوءِ ٻيهر ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي، جڏهن ته گذريل ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو هو.
واضح رهي ته مينز هاڪي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال 14 کان 30 آگسٽ تائين بئلجيم ۽ نيڌرلينڊز ۾ کيڏيو ويندو.