ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيندڙ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم اڃا تائين ڀارت کان وطن واپس وڃڻ جي منتظر آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب هوائي رستن جي بندش سبب سندن جي واپسي ۾ رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي.
جيتوڻيڪ زمبابوي اسڪواڊ وطن روانو ٿي چڪي آهي، پر ويسٽ انڊين ٽيم اڃا تائين واپسي لاءِ واجهائي رهي آهي.
ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جي پنجين ڏينهن به رانديگر ۽ اسٽاف ڪولڪتا جي هڪ هوٽل ۾ ترسيل آهن.
صورتحال کان پريشان ويسٽ انڊين ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ رانديگرن سوشل ميڊيا جو سهارو وٺندي چيو ته ” اسان گهر واپس وڃڻ چاهيون ٿا.“
ڊيرن سيمي لکيو ته ” هُن سان ڪابه ڪميونيڪيشن نه پئي ڪئي وڃي. ڀلا آسرو ته ڏيو ڪڏهن، اڄ سڀاڻي، پرينھن يا هفتي کان پوءِ…..!“
واضح رهي ته آءِ سي سي رانديگرن جي محفوظ وطن واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ چارٽرڊ فلائيٽ جو انتظام ڪيو پيو وڃي.