فلم انڊسٽري ۾ ڪو به بي عيب ناهي، اميتاڀ بچن کان مون تائين هڙئي نظرانداز ٿيندا رهيا آهن: گووندا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار گووندا چيو آهي ته فلم انڊسٽري ۾ ڪنهن به اداڪار جي ساک مڪمل طور تي بي داغ ناهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، 62 ورهين جي گووندا هڪ انٽرويو دوران سوال اُٿاريو ته ”بالي ووڊ ۾ ڪنهن جو نالو صفا بي داغ آهي؟“ هڙني کي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ تنقيد، تڪرار ۽ بدنامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
هن اميتاڀ بچن، راجيش کنا ۽ عامر خان جو مثال ڏيندي چيو ته اهڙا وڏا اسٽار اداڪار به ان دور مان گذريا آهن جڏهن مٿن تنقيد ٿي يا کين کي نظرانداز ڪيو ويو.
اداڪار وڌيڪ چيو ته اصل ڳالهه اِها آهي ته هڪ اداڪار زندگي جي اهڙن ڏکين مرحلن مان ڪيئن ٻاهر نڪري ٿو، ها، ڪنهن اداڪار کي سندس ڪم جي معيار جي ڪري ضرور ساراهيو وڃي ٿو.
گووندا اهو پڻ چيو ته بالي ووڊ ۾ اها ڳالهه ممڪن ناهي ته ڪنهن اداڪار جي شهرت يا ساک مڪمل طور تي هر قسم جي تڪرار کان پاڪ هجي.
واضح رهي ته گووندا جو ڳاڻيٽو 1990 واري ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ جي سپر اسٽارز ۾ ٿيندو هو، هو ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ مُک ڪردار نڀائي چڪوآهي، سندس آخري فلم 2019 ۾ رليز ٿي هئي.
بالي ووڊ اداڪار ڊگهي عرصي کان فلمي دنيا کان پري آهي، پر وقت به وقت ٽي وي شوز ۾ مهمان طور شرڪت ڪندو رهندو آهي.
ويجهڙ ۾ سندس ذاتي زندگي ۾ لاهن چاڙهن ۽ گهرواري سان طلاق جا افواهه سامهون آيا هئا، پر پوءِ ٻنهي جو ٺاهه ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.