فون جي بيٽري تَڪڙي ختم ٿي وڃي ٿي؟ پريشان نه ٿيو، رڳو هي چار فيچر ڊِس ايبل ڪري ڇڏيو

کوڙ سارا عنصر ڪنهن به اينڊرائيڊ فون جي بيٽري لائف جو تعين ڪندا آهن، تيز پروسيسر، روشن اسڪرين، سنهي باڊي، بيڪ گرائونڊ سافٽ ويئر، تيز ترين انٽرنيٽ ڪنيڪشن وغيره سڀ بيٽري لائف تي اثرانداز ٿين ٿا.
هر فون جي بيٽري لائف مختلف هوندي آهي، جنهن جو دارومدار بيٽري جي سائيز تي هوندو آهي.
ان باجود به اينڊرائيڊ فونز ۾ ڪجهه اهڙا فيچرز هوندا آهن، جن کي ڊِس ايبل ڪري اوهان بيٽري لائف کي ڪجهه حد تائين وڌائي سگهو ٿا.

اسڪرين برائيٽنس کي 100 سيڪڙو تي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريو
سمارٽ فونز جون اسڪرينون وڏيون ۽ روشن هونديون آهن ۽ ڊسپلي ئي بيٽري کي تيزي سان گهٽائيندڙ سڀ کان وڏو سبب هوندو آهي.
سٺي ڳالهه اِها آهي ته اوهان ڊسپلي سيٽنگز ۾ وڃي اسڪرين جي برائيٽنس گهٽ ڪري سگهو ٿا، جنهن سان بيٽري لائف ۾ واڌارو ٿيندو.
اهڙي ريت آٽو برائيٽنس فيچر کي ڊِس ايبل ڪرڻ بهتر هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اڪثر اِهو فيچر ضرورت کان وڌيڪ برائيٽنس وڌائي ڇڏيندو آهي.

لاڪ اسڪرين کي مئنيج ڪريو
اينڊرائيڊ فونز ۾ اڪثر ”آل ويز آن ڊسپلي“ فيچر موجود هوندو آهي ۽ ڪيئي واهپيدار وقت ۽ تاريخ جهڙي بنيادي ڄاڻ هر وقت اسڪرين تي ڏسڻ لاءِ ان جو استعمال ڪندا آهن.
هي فيچر مسلسل استعمال ڪرڻ سان به بيٽري لائف گهٽجي ٿي، تنهنڪري اوهان سيٽنگز ۾ وڃي ان کي ڊِس ايبل ڪري سگهو ٿا.

اسڪرين ٽائم آئوٽ جو صحيح تعين نه ڪرڻ
فون جي اسڪرين جيتري دير تائين روشن رهندي، اوتري بيٽري وڌيڪ خرچ ٿيندي.
ان لاءِ اوهان اسڪرين ٽائم آئوٽ فيچر استعمال ڪري سگهو ٿا.
اڪثر اينڊرائيڊ فونز ۾ 15 سيڪنڊن کان وٺي 10 يا ان کان وڌيڪ منٽن تائين جا آپشن موجود هوندا آهن، جنهن کانپوءِ اسڪرين پاڻمرادو بند ٿي ويندي آهي.
اهڙي ريت بيٽري لائف بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

بيڪ گرائونڊ ايپ اپ ڊيٽس بند ڪريو
ايپس اوهان جي استعمال کانسواءِ به بيڪ گرائونڊ ۾ ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
وقت سان گڏ اهو عمل بيٽري لائف تي اثرانداز ٿيندو آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته اوهان اهڙين ايپس جي نشاندهي ڪريو جيڪي وڌيڪ بيٽري استعمال ڪن ٿيون.
ان لاءِ بيٽري سيٽنگز ۾ موجود ”بيٽري يوزيج“ وارو آپشن مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ اوهان غير استعمال ايپس کي سليپ موڊ ۾ وجهي سگهو ٿا ته جيئن اهي بيڪ گرائونڊ ۾ اپڊيٽ نه ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.