دبئي (يب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميزبان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 8 مارچ تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽورنامينٽ جو آخري دنگل کيڏيو ويندو.
آءِ سي سي طرفان مها مقابلي لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي، رچرڊ ايلنگ ورٿ ۽ اليڪس وارف فائنل ۾ آن فيلڊ امپائرز هوندا.
رچرڊ ايلنگ ورٿ مسلسل ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندو، جڏهن ته اليڪس وارف پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ امپائرنگ ڪندو.
فائنل لاءِ الله الدين پاليڪر کي ٿرڊ امپائر مقرر ڪيو ويو آهي، ايڊرين هولڊ اسٽاڪ فائنل ۾ فورٿ امپائر جون ذميواريون نڀائيندو، جڏهن ته اينڊي پائڪرافٽ فائنل جو ميچ ريفري هوندو.