ڪجهه ملڪن ٽياڪڙي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، خطي ۾ پائيدار امن جا خواهشمند آهيون: ايراني صدر

تهران/واشنگٽن/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ ۾ مسلسل شدت اچڻ سان خطي ۾ بحران وڏي پئماني تي پکڙجي چڪو آهي، ايران ۽ اسرائيل جو هڪٻئي تي حملن جو سلسلو جاري آهي، پاسدارانِ انقلاب اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي ڪلسٽر بمن سان ليس خيبر شڪن ميزائل سان حملو ڪيو، جڏهن ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران ۾ رهائشي گهرن، اسپتالن ۽ واپاري مرڪزن کي نقصان رسيو آهي،آمريڪي صدر ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ واري فيصلي تي غور ڪرڻ کين وقت جو زيان قرار ڏنو آهي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ڪجهه ملڪن ٽياڪڙي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پر ايران پائيدار امن جا خواهشمند آهي، ان کانسواءِ عالمي سطح تي جنگ جا اثر توانائي، معيشت ۽ دفاعي نظام کي متاثر ڪرڻ لڳا آهن.

ايراني هلال احمر ايران ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
هلال احمر موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل هن وقت تائين ايران تي 1332 حملا ڪيا آهن، جن ۾ 636 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو.
رپورٽ موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 21 امدادي ۽ طبي مرڪزن کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 24 اسپتالن کي به نقصان رسيو آهي ۽ 3 هزار 90 رهائشي گهر تباهه يا سخت متاثر ٿيا آهن.
ايراني هلال احمر موجب، هوائي حملن ۾ 528 تجارتي مرڪز ۽ سروس سينٽر پڻ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ايراني هلال احمر جا 9 مرڪز به آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جو نشانو بڻيا.

ڪجهه ملڪن ٽياڪڙي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، خطي ۾ پائيدار امن جا خواهشمند آهيون: ايراني صدر
ايراني صدر مسعود پزشڪيان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه ملڪن ٽياڪڙي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ايراني صدر چيو ته واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن جا خواهشمند آهيون، پر پنهنجي قومي خودمختياري ۽ وقار جي دفاع ۾ ڪنهن به هٻڪ جو شڪار نه ٿينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ٽياڪڙي جي ڪوششن دوران اهڙن عنصرن کان به جواب طلب ڪيو وڃي جن ايراني قوم کي ڪمزور سمجهيو ۽ تڪرار کي ڀڙڪايو.

ايران سان جنگ جي 100 ڪلاڪن دوران آمريڪا کي 3.7 ارب ڊالر جو نقصان
سينٽر فار اسٽرٽيجيڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز (سي ايس آءِ ايس) پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايران سان جنگ جي پهرين 100 ڪلاڪن دوران آمريڪا کي اٽڪل ٽي ڏهائي ست ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي.
سي ايس آءِ ايس جي رپورٽ موجب، جنگي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي دفاعي کاتي کي موجودا بجيٽ مان وڌيڪ فنڊن جي ضرورت پوندي.
سي ايس آءِ ايس جو چوڻ آهي ته آمريڪا جيڪڏهن گهٽ خرچ واري گولابارود ڏانهن ويندو ته گولابارود جي قيمت گهٽجي سگهي ٿي، پر ايران سان جنگ جا خرچ تمام گهڻا هوندا جيڪي موجودا بجيٽ ۾ شامل نه هئا.
ٿنڪ ٽينڪ موجب، ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي آمريڪي دفاعي کاتي کي واڌو فنڊ گهربل هوندا، جڏهن ته تڪرار جا خرچ اندروني بجيٽ ڪٽوتين ذريعي پورا ڪرڻ سياسي ۽ عملي طور ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو.

آمريڪا اسرائيل جنگ سبب وچ اوڀر ۾ لڳ ڀڳ 200 ٻار حياتي وڃائي ويٺا: يونيسيف
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جو چوڻ آهي ته ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيي جنگ جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ لڳ ڀڳ 200 ٻار مارجي ويا آهن.
يونيسيف موجب، جنگ دوران ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 181 ٻار جڏهن ته لبنان ۾ 7 ٻار حياتي وڃائي ويٺا.
يونيسيف جو چوڻ آهي ته ٻار جنگون شروع ناهن ڪندا، پر هو ان جي قبول نه ڪرڻ جوڳي حد تائين وڏي قيمت ادا ڪندا آهن.

اسرائيل پاران ايران جا ايڊوانس ڊفينس سسٽم تباهه ڪرڻ جو دعويٰ
اسرائيلي فوج موجب، سڄي رات جاري رهندڙ حملن دوران 6 ايراني بيلسٽڪ ميزائل لانچرز تباهه ڪيا ويا آهن ۽ تازن حملن ۾ 3 ايراني ايڊوانس دفاعي سسٽم پڻ تباهه ڪيا ويا آهن.

آمريڪي ايم ڪيو نائين ۽ هرمس ڊرون تباهه ڪيا ويا:ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران 2 ڊرون ڪيرايا آهن، جن مان هڪ آمريڪي ايم ڪيو 9 ڊرون لورستان ۾ ڪِيرايو ويو، جڏهن ته ٻيو هرمس ڊرون تهران جي ڀرپاسي تباهه ڪيو ويو.

ايران ۾ آمريڪي زميني فوج موڪلڻ تي غور ڪرڻ وقت جو زيان هوندو: ٽرمپ
مقامي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته في الحال ايران ۾ آمريڪي فوج موڪلڻ بابت نه سوچيو آهي، هن وقت ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور ڪرڻ وقت جو زيان هوندو.
ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجي سامونڊي فوج وڃائي چڪو آهي، تهران هر اُها شيءِ وڃائي چڪو آهي جيڪا هو وڃائي سگهن پيا ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايراني پرڏيهي وزير جو اهو چوڻ فضول ڳالهه آهي ته ايران آمريڪي زميني حملي لاءِ تيار آهي.

ايران جنگ جي شروعات ۾ ئي اردن، قطر ۽ يو اي اي ۾ ڊفينس سسٽم ۽ جاسوسي اوزارن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو: آمريڪي ميڊيا
آمريڪي ٽي وي سيٽلائيٽ تصويرن جي مدد سان ايران جي وڏي جنگي ڪاميابين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ايران جنگ جي شروعات ۾ ئي اردن ۾ جديد ترين ٿاد ڊفينس سسٽم جو ريڊار تباهه ڪري ڇڏيو هو.
آمريڪي ٽي وي موجب، ايران ڪميونيڪيشن، ريڊار ۽ جاسوسي اوزارن کي نشانو بڻائي ايئر ڊفينس سسٽم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽ موجب، ايران گڏيل عرب امارتن ۾ به ٻن هنڌن تي ٿاد ريڊار کي نشانو بڻايو، اماراتي ريڊار عمارت جي اندر هئڻ سبب صحيح نقصان جو اندازو ممڪن نه ٿي سگهيو، هڪ ٿاد دفاعي سسٽم جي قيمت 50 ڪروڙ ڊالر آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ايران قطر جي ارلي وارننگ ريڊار سسٽم کي به تباهه ڪيو آهي.

اسان ڊگهي جنگ لاءِ تياري ڪري چڪا آهيون: ترجمان پاسدارانِ انقلاب
پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان جنرل علي محمد چيو ته جلد اهڙا اسٽرٽيجيڪ هٿيار سامهون آڻينداسين جيڪي اڳ ڪڏهن استعمال نه ڪيا ويا آهن، دشمن دردناڪ وار لاءِ تيار رهي، اڃا هٿيارن جو رڳو ٿورو حصو استعمال ڪيو آهي.

ايران طرفان ترڪي ۽ آذربائيجان کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪيون ٿا: سعودي عرب
سعودي پرڏيهي وزارت اهڙن قدمن کي خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته ايراني قدم عالمي قانونن ۽ اصولن جي خلاف آهن.
سعودي عرب ترڪي ۽ آذربائيجان جي حڪومتن ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

ايران تي حملن کانپوءِ ڪچي تيل جو اگهه وڌي 84 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو
ٻئي پاسي چين ملڪ جي وڏين ريفائنرين کي ڊيزل ۽ پيٽرول جي برآمدات روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا موجب، جپان، انڊونيشيا ۽ ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ريفائنرين جي پيداوار گهٽائي ۽ برآمدات عارضي طور معطل ڪري ڇڏيون آهن.

ايران جو اسرائيل تي هڪ ئي وقت درجنين ڊرونز ۽ ميزائلن سان حملو
روسي ميڊيا موجب، ايران اسرائيل تي هڪ ئي وقت درجنين ڊرونز ۽ ميزائلن سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ تل ابيب جي سڌي ريت فضائي صورتحال ڏيکاريندڙ ڪئميرا جي پوزيشن تبديل ڪئي وئي آهي ته جيئن فضائن ۾ داخل ٿيندڙ ايراني ميزائل نظر نه اچن، حملي وقت تل ابيب ۾ سائرن به نه وڳا.

ايران آمريڪا اسرائيل جنگ، پاڪستان مان وچ اوڀر ڏانهن ويندڙ 104 اڏامون رد
ڪراچي کان دبئي، دوحا، ابوظهبي، شارجا ۽ بحرين لاءِ اڄ 21 اڏامون رد ٿيون جڏهن ته لاهور کان دبئي، دوحه، شارجا، ڪويت، دمام ۽ ابوظهبي لاءِ 27 اڏامون رد ڪيون ويون.
اسلام آباد کان دوحا، ابوظهبي، بحرين، شارجا ۽ دبئي لاءِ 29 اڏامون رد ٿيون، جڏهن ته 14 اڏامون روانگي لاءِ تيار آهن. پشاور کان دوحا، ابوظهبي، دبئي، شارجا ۽ جدي لاءِ 12 اڏامون رد ٿيون جڏهن ته 4 شيڊيول ڪيون ويون آهن.
گذريل هڪ هفتي دوران پاڪستان کان وچ اوڀر ويندڙ رد ڪيل اڏامن جو ڪُل انگ 1130 ٿي چڪو آهي.

ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ واري معاملي تي ٽرمپ انتظاميا اختلافن جو شڪار
روسي ميڊيا موجب، آمريڪي بچاءُ واري وزير هيگسيٿ ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۾ ايران خلاف زميني ڪارروائي تي اختلاف موجود آهن.
رپورٽ موجب، مارڪو روبيو ايران جنگ کي ڊگهو ڪرڻ جي مخالف آهي، جڏهن ته پيٽ هيگسيٿ ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته زميني فوج موڪلي وڃي.

آمريڪا جو ايران تي حملو مذهبي جنگ آهي: ريپبلڪن سينيٽر لنزئي گراهم
آمريڪي ريپبلڪن سينيٽر لنزئي گراهم آمريڪا جو ايران تي حملو مذهبي جنگ قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا هزار سالن لاءِ وچ اوڀر جي راهه طئي ڪري ڇڏيندو.

ايران جو عمان نار ۾ آمريڪي جهاز بردار ٻيڙي تي حملو: روسي ميڊيا
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني سامونڊي فوج آمريڪي جهاز بردار ٻيڙي ابراهام لنڪن کي نشانو بڻايو، ايراني حملي کان پوءِ آمريڪي جهاز بردار ٻيڙو نار کان پري هليو ويو .

ايران منامه جي ٻن هوٽلن ۽ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو: بحرين
بحرين جي گهرو وزارت چيو ته ايراني حملي ۾ ملڪيت کي نقصان پهتو پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

ايران جنگ سبب آمريڪا پنهنجي هٿيارن جا ذخيرا تيزي سان ختم ڪري رهيو آهي: انتوني بلنڪن
اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن ايران جنگ تي ٽرمپ انتظاميا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
هن چيو ته ايران جنگ سبب آمريڪا پنهنجا هٿيارن جا ذخيرا تيزي سان ختم ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي طرح چين يا روس جي ڀيٽ ۾ آمريڪا جي پوزيشن ڪمزور ٿي رهي آهي.

آمريڪا جا 72 ڪلاڪن ۾ ايران جي 200 هدفن تي حملا، بيلسٽڪ ميزائل لانچرز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو ته گذريل 72 ڪلاڪن دوران لڳ ڀڳ 200 ايراني هدفن تي حملا ڪيا ويا آهن.
سينٽڪام ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر ايران تي حملن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته بي ٽو بمبار جهازن درجنين بنڪر بسٽر بمن سان زير زمين اونهائي ۾ دفن بيلسٽڪ ميزائل لانچرز تباهه ڪيا ويا آهن.
سينٽڪام ڪمانڊر چيو ته پهرين ڏينهن کانپوءِ ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، آپريشن جي ايندڙ مرحلي ۾ ايران جي ميزائل پيداوار جي صلاحيت کي تباهه ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.

پاسدارانِ انقلاب جو ڪلسٽر بمن سان ليس خيبر شڪن ميزائل سان تل ابيب تي حملو
پاسدارانِ انقلاب ڪلسٽر بمن سان ليس خيبر شڪن ميزائل سان اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب تي حملو ڪيو.
پاسداران انقلاب جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيل خلاف حملا آخري حد تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.