اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي پيٽروليم شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم واري وزارت خطي جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان پيٽروليم شين جي ذخيري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي ضروري گهرجن جي پورائي لاءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو مناسب ذخيرو موجود آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعظم چيو ته جيڪي به پيٽرول پمپس هٿرادو کوٽ جي ڪڌي ڌنڌي ۾ ملوث آهن، اهي فوري طور بند ڪيا وڃن ۽ لائسنس رد ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعظم پيٽروليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو صوبن جو دورو ڪري ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پيٽروليم شين جي بچت ۽ ان جي عوام کي بنا رنڊڪ فراهمي بابت حڪمت عملي ۽ رٿابندي تيار ڪري.