چيٽ جي پي ٽي کان هي پنج ڳالهيون ڀُلجي به نه پڇجو

اڄ جي دور ۾ شاگردن سميت هر شعبي سان واڳيل ماڻهن هٿرادو ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل چيٽ بوٽس کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، هي فائديمند به آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر شئي کي هڪ حد تائين استعمال ڪرڻ گهرجي.
پرڏيهي ويب سائيٽ موجب، ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته مڪمل طور تي چيٽ بوٽس تي ڀارڻ اوهان کي وڏي ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿو. ماهرن حد کان وڌيڪ چيٽ جي پي ٽي جي استعمال کان روڪي ڇڏيوآهي.
اچو ڄاڻيون ته اُهي ڪهڙيون پنج شيون آهن جنهن جو ذڪر ماهرن چيٽ بوٽس سان ڪرڻ کان منع ڪيو آهي.

ذاتي معلومات
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن به پنهنجي ذاتي معلومات جهڙوڪ گهر جو پتو، پنهنجو نالو، موبائل نمبر وغيره چيٽ جي پي ٽي سان شيئر نه ڪريو، انهن تفصيلن ذريعي ڪنهن جي به سرگرمي ۽ شناخت ٽريڪ ڪري سگهجي ٿي.

مالي معلومات ڳُجهي رکو
پنهنجي مالي معلومات مثال طور بينڪ اڪائونٽ نمبر، ڪريڊٽ ڪارڊ جو نمبر يا سيڪيورٽي نمبر ڪڏهن به چيٽ بوٽس سان شيئر نه ڪريو، ائين ڪرڻ سان اوهان پنهنجو مالي نقصان ڪرائي سگهو ٿا.

پاسورڊز
چيٽ جي پي ٽي تي ڪڏهن به پنهنجن سوشل ميڊيا يا بينڪ اڪائونٽس جا پاسورڊز شيئر ڪرڻ جو ذڪر نه ڪريو، ڇو ته اِهي تفصيل اوهان جي اڪائونٽس تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۽ ڊيٽا چوري ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.

فحش مواد يا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻولهه
ماهرن موجب، عام طور تي چيٽ بوٽس فحاشي تي ٻڌل مواد يا گفتگو کي فلٽر ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان ٻيهر چيٽ بوٽس استعمال نه ڪري سگهو.

چيٽ بوٽس کي ڪڏهن به اهڙيون ڳالهيون نه ٻڌايو جيڪي اوهان ٻين کان لڪائڻ چاهيو ٿا
پنهنجي راز کي پنهنجي حد تائين رکڻ جي ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ ته هڪ دفعو اهي چيٽ بوٽس تي شيئر ٿي ويون ته اهي محفوظ ٿي وينديون آهن ۽ بعد ۾ اوهان لاءِ مسئلا کڙا ڪري سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.