پاڪستاني مردن کي بيوقوف بڻائڻ منٽن جو ڪم آهي

ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي ته پاڪستاني مردن کي بيوقوف بڻائڻ منٽن جو ڪم آهي.
سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جي هڪ پراڻي پوڊ ڪاسٽ انٽرويو جي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ پاڪستاني مردن جي خامين تي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي.
وڊيو ڪلب ۾ حريم شاهه چوڻ هو ته پاڪستاني مردن کي بيوقوف بڻائڻ سولو ڪم آهي.
ميزبان طرفان جڏهن حريم شاهه جي ان دعويٰ جو سبب پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته پاڪستاني مردن کي بيوقوف بڻائڻ جو اهم سبب سندن خواهشون آهن.
حريم شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪستاني مردن کي سندن خواهشن سبب بيوقوف بڻائي سهگجي ٿو، جيتوڻيڪ سڀ پاڪستاني مرد اهڙا ناهن هوندا پر ان باوجود جيڪي ماڻهو خواهشن جا پوڄاري آهن اُهي کدڙن فقيرن، بيواهن ۽ طلاق ڏنل عورتن، ٻارن ايستائين جو شادي شده عورتن کي به ناهن ڇڏيندا.
ٽڪ ٽاڪر موجب، اهڙا مرد عورتن سان زيادتي، مٿس تشدد ڪرڻ سميت زالن سان ناانصافي ڪندا آهن پر ان سڀني حقيقتن باوجود کين ساراهيو ويندو آهي، پر عورت جي غلطي ڪرڻ تي ان جي تذليل ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.